APP41-041220 ISLAMABAD: December 04 - Prime Minister Imran Khan chairing the meeting on mobile manufacturing policy. APP

اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ موبائيل ڊيوائس مينوفيڪچرنگ پاليسي لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار واري حماد اظهر، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اداراجاتي سڌارن واري صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، خصوصي معاون ڊاڪٽر وقار مسعود، بي او آءِ جو چيئرمين عاطف بخاري، ايف بي آر جو چيئرمين جاويد غني، پي ٽي اي جو چيئرمين ميجر (ر) عامر عظيم باجوه ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.