APP59-261120 ISLAMABAD: November 26 - Prime Minister Imran Khan chairing a meeting of the Working Group of Ravi Urban Development Authority and Pakistan Island Development Authority. APP

اسلام آباد – 26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پاڪستان آئي لينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ۽ پاڪستان آئي لينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ۽ اعليٰ حڪومتي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ منصوبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکندڙ ڊچ ڪمپني ايوٽيڪ جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي.