APP23-16 ISLAMABAD: September 16 - Federal Minister for Information and Broadcasting Senator Shibli Faraz addressing during the inaugural ceremony of Auditorium Export Display Centre at EDC Building. APP Photo by Irshad Sheikh

اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ملڪي معيشت جي ترقي ۾ سڄي ملڪ جون چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز لائف لائن جي حيثيت رکن ٿيون، وزيراعظم عمران خان جي ڪوويڊ 19 جي روڪٿام جي لاءِ ڪامياب حڪمت عملي جي ڪري اڄ پاڪستان ۾ سمورريون ڪاروباري سرگرميون کلي ويون آهن، واپاري ۽ ڪاروباري برادري جي نمائنده چيمبرز کي يونيورسٽين سان رابطو بهتر بڻائڻ گهرجي ته جيئن نئون نسل به ڪاروباري اصولن ۽ قدرن کي سمجهي سگهي، هو اسلام آباد چيمبر ۾ ايڪسپورٽ ڊسپلي سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.