اسلام آباد - 15 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني مردان ويجهو پاڪ فضائيه جي تربيتي جهاز جي ڏکوئيندڙ حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 بهادر پائليٽس فلائيٽ ليفٽيننٽ محمد قاسم عبدالله ۽ ليفٽيننٽ طحه عباسي شهيد ٿي ويا. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته وطن جا …
سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاران پاڪ فضائيه جي تربيتي جهاز جي حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني مردان ويجهو پاڪ فضائيه جي تربيتي جهاز جي ڏکوئيندڙ حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 بهادر پائليٽس فلائيٽ ليفٽيننٽ محمد قاسم عبدالله ۽ ليفٽيننٽ طحه عباسي شهيد ٿي ويا. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته وطن جا هي بهادر پٽ پنهنجي پيشيواراڻين ذميوارين جي ادائگي دوران عظيم قرباني ڏئي قوم لاءِ مثال بڻجي ويا. هن چيو ته پوري قوم هن ڏک جي گهڙي ۾ شهيدن جي ڪٽنبن سان گڏ آهي ۽ انهن جي غم ۾ برابر جي شريڪ آهي. سيد يوسف رضا گيلاني شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪندي چيو ته قوم پاڪ فضائيه جي خدمتن، قربانين ۽ وطن جي دفاع لاءِ ان جي عزم کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي.









