پاڪستان ايران آمريڪا تڪرار جي پرامن حل کي ممڪن بڻايو: مرتضى سولنگي

اسلام آباد- 15 جون (اي پي پي) صدر جي ترجمان مرتضى سولنگي چيو آهي ته پاڪستان ايران آمريڪا تڪرار جي پرامن حل کي ممڪن بڻايو، اها ڪاميابي اسان سڀني جي گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهي. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اسان جي هٿياربند فوج جنهن جي قيادت فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ڪئي، اسان جي پرڏيهي وزارت، جنهن جي سربراهي اسحاق ڊار ڪئي، اسان جي حڪومت جنهن …

اسلام آباد- 15 جون (اي پي پي) صدر جي ترجمان مرتضى سولنگي چيو آهي ته پاڪستان ايران آمريڪا تڪرار جي پرامن حل کي ممڪن بڻايو، اها ڪاميابي اسان سڀني جي گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهي. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اسان جي هٿياربند فوج جنهن جي قيادت فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ڪئي، اسان جي پرڏيهي وزارت، جنهن جي سربراهي اسحاق ڊار ڪئي، اسان جي حڪومت جنهن جي قيادت وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪئي ۽ اسان جي رياست جنهن جي نمائندگي صدر آصف علي زرداري ڪئي، سڀني انهن سئو ڏينهن دوران حوصلي، عزم ۽ ثابت قدمي سان ڏينهن رات پنهنجي ذميوارين کان وڌيڪ ڪردار ادا ڪيو. مرتضى سولنگي چيو ته اسان جي صحافين، تعليمي ماهرن، سفارتڪارن ۽ ٻين لاڳاپيل ماڻهو پڻ ڏينهن رات محنت ڪئي ته جيئن سمورين رڪاوٽن ۽ انهن عنصرن جي سازشن جي باوجود جيڪي ڪنهن تعارف جا محتاج نه آهن، اهي ڪوششون ڪامياب ٿي سگهن. هن چيو ته خاص طور تي اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي شهرين پڻ ڳالهه ٻولهه دوران ڊگهي ٽريفڪ جام ۽ ڪاروباري مرڪزن جي بندش جهڙيون مشڪلاتون برداشت ڪيون پر احتجاج نه ڪيو ڇو ته اهي ان کي امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي هڪ معمولي خدمت سمجهندا هئا. ان پوري بحران دوران اسان هڪ جامع ۽ منظم مشن وانگر ڪم ڪندا رهياسين. اهو منظر هڪ عظيم سمفني آرڪسٽرا وانگر هو جتي درجنين ساز پنهنجي مقرر وقت، صحيح آهنگ، مناسب رفتار ۽ مڪمل هم آهنگي سان وڄي رهيا هجن. اها ڪاميابي اسان سڀني جي گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهي، هاڻي پنهنجو پاڻ کي داد ڏيو ڇو ته توهان سڀ ان جا مستحق آهيو.