ڪراچي- 15 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مردان ۾ پاڪ فضائيه جي تربيتي جهاز جي حادثي ۾ ٻن آفيسرن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ وڏي وزير, شهيد فلائيٽ ليفٽيننٽ محمد قاسم عبدالله ۽ ليفٽيننٽ طٰحهٰ عباسي کي زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته قوم پنهنجي انهن بهادر سپوتن جن وطن جي …
سنڌ جي وڏي وزير پاران مردان ۾ پاڪ فضائيه جي تربيتي جهاز حادثي تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
ڪراچي- 15 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مردان ۾ پاڪ فضائيه جي تربيتي جهاز جي حادثي ۾ ٻن آفيسرن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ وڏي وزير, شهيد فلائيٽ ليفٽيننٽ محمد قاسم عبدالله ۽ ليفٽيننٽ طٰحهٰ عباسي کي زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته قوم پنهنجي انهن بهادر سپوتن جن وطن جي خدمت دوران پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو، انهن جي قربانين کي هميشه ياد رکندي. وڏي وزير شهيدن جي وارثن سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته هو ڏک جي ان گهڙي ۾ شهيدن جي خاندانن سان برابر جو شريڪ آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ سندن پونئرن کي هي وڏو صدمو برداشت ڪرڻ لاءِ صبرِ عطا فرمائي. هن وڌيڪ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن کي پنهنجي جوارِ رحمت ۾ جاءِ عطا فرمائي ۽ پونئرن کي همت ۽ حوصلو نصيب فرمائي.











