ڪراچي- 15 جون (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي مردان ۾ پاڪ ايئر فورس جي تربيتي جهاز جي المناڪ حادثي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گورنر هائوس مان جاري پريس رليز موجب گورنر حادثي ۾ شهيد ٿيل هوائي فوج جي ليفٽيننٽ محمد قاسم عبدالله ۽ پاڪ نيوي جي ليفٽيننٽ طحهٰ عباسي کي عقيدت پيش ڪندي چيو ته قوم پنهنجي انهن بهادر سپوتن جي قربانين کي …
سنڌ جي گورنر پاران مردان ۾ پاڪ ايئر فورس جي تربيتي جهاز حادثي تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
ڪراچي- 15 جون (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي مردان ۾ پاڪ ايئر فورس جي تربيتي جهاز جي المناڪ حادثي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گورنر هائوس مان جاري پريس رليز موجب گورنر حادثي ۾ شهيد ٿيل هوائي فوج جي ليفٽيننٽ محمد قاسم عبدالله ۽ پاڪ نيوي جي ليفٽيننٽ طحهٰ عباسي کي عقيدت پيش ڪندي چيو ته قوم پنهنجي انهن بهادر سپوتن جي قربانين کي هميشه ياد رکندي. هن شهيدن جي درجن جي بلندي،مغفرت ۽ پونئرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.











