آمريڪا ۾ باسڪٽ بال ميچ کٽڻ جي خوشي ۾ جشن دوران هنگامو، ورلڊ ڪپ جي شٽل بس کي باهه لڳائي وئي

نيويارڪ-15 جون (اي پي پي) آمريڪا ۾ باسڪٽ بال ميچ کٽڻ جي خوشي ۾ جشن دوران ٿيل هنگامي وقت ورلڊ ڪپ جي شٽل بس کي باهه لڳائي وئي جڏهن ته هڪ نوجوان گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو واقعو مين هيٽن ۾ اين بي اي ايونٽ ۾ نيويارڪ نڪس پاران مخالف ٽيم کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ انهن جي حامين پاران روڊن تي نڪري جشن ملهائڻ دوران پيش …

نيويارڪ-15 جون (اي پي پي) آمريڪا ۾ باسڪٽ بال ميچ کٽڻ جي خوشي ۾ جشن دوران ٿيل هنگامي وقت ورلڊ ڪپ جي شٽل بس کي باهه لڳائي وئي جڏهن ته هڪ نوجوان گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو واقعو مين هيٽن ۾ اين بي اي ايونٽ ۾ نيويارڪ نڪس پاران مخالف ٽيم کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ انهن جي حامين پاران روڊن تي نڪري جشن ملهائڻ دوران پيش آيو، جشن ۾ شريڪ ماڻهن آتش بازي ڪئي ۽ نعرا هڻي پنهنجي جذبات جو اظهار ڪيو، جڏهن ته ان دوران ئي صورتحال خراب ٿيڻ شروع ٿي ۽ افراتفري ٿيڻ کانپوءِ ورلڊ ڪپ جي مداحن کي کڻي ويندڙ هڪ بس کي باهه لڳي وئي جڏهن ته اهو به چيو ٿو وڃي ته باهه لڳائي وئي. اهڙي طرح نوجوان گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيو. نيويارڪ نڪس 1973 کانپوءِ پهريون ڀيرو اها چيمپئين شپ کٽي ۽ ٽيون ڀيرو فائنل ۾ پهتي هئي ان کان اڳ هو 1994 ۽ 1999 ۾ فائنل ۾ پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي هئي پر هڪ ڀيرو انتونيو سپرز ۽ ٻيو ڀيرو هوسٽن راڪٽس تان هارائجي وئي هئي.