سنڌ جي وڏي وزير پاران ايمپريس مارڪيٽ جي رنگ روغن ۽ مرمت واري منصوبي جو افتتاح

ڪراچي-12 جون (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايمپريس مارڪيٽ جي رنگ روغن ۽ مرمت واري منصوبي جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ڊپٽي ميئر سلمان مراد، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ايمپريس مارڪيٽ طارق مغل ۽ ٻيا عملدار پڻ موجود هئا. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته ايمپريس مارڪيٽ ڪراچي جي تاريخي سڃاڻپ آهي ۽ ان جي بحالي ۽ خوبصورتي حڪومت جي اهم ترجيحن ۾ …

ڪراچي-12 جون (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايمپريس مارڪيٽ جي رنگ روغن ۽ مرمت واري منصوبي جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ڊپٽي ميئر سلمان مراد، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ايمپريس مارڪيٽ طارق مغل ۽ ٻيا عملدار پڻ موجود هئا. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته ايمپريس مارڪيٽ ڪراچي جي تاريخي سڃاڻپ آهي ۽ ان جي بحالي ۽ خوبصورتي حڪومت جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي جي تاريخي ورثي جي تحفظ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي ته جيئن شهر جي ثقافتي ۽ تاريخي حيثيت برقرار رهي.وڏي وزير چيو ته ايمپريس مارڪيٽ جي رنگ روغن سان صدر واري علائقي جي واپاري ۽ سياحتي حيثيت ۾ وڌيڪ واڌارو ٿيندو. هن چيو ته ڪراچي جي تاريخي عمارتن ۽ عوامي هنڌن جي بحالي شهر جي ترقي بابت حڪومت جي ويزن جو اهم حصو آهي.سندس چوڻ هو ته ايمپريس مارڪيٽ ۾ جديد پارڪنگ، سرسبز لان ۽ عوام لاءِ مختلف سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، جڏهن ته شهرين کي صاف، سٿرو، منظم ۽ محفوظ ماحول مهيا ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي. هن وڌيڪ چيو ته تاريخي ورثي جو تحفظ ايندڙ نسلن لاءِ قومي ذميواري آهي. وڏي وزير، ميئر ڪراچي ۽ ڪي ايم سي جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته ايمپريس مارڪيٽ جي بهتري لاءِ سندن ڪم قابلِ تعريف آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ بلدياتي ادارا گڏجي ڪراچي جي ترقي ۽ خوبصورتي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته صدر واري علائقي کي حددخلين کان پاڪ، منظم ۽ عوام دوست بڻائڻ لاءِ قدم جاري رکيا ويندا. هن زور ڀريو ته ڪراچي پاڪستان جو معاشي مرڪز آهي ۽ ان جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن اعلان ڪيو ته سنڌ حڪومت شهر جي سمورن تاريخي ۽ عوامي هنڌن جي بحالي جي منصوبن کي وڌيڪ هٿي ڏيندي.

مزید خبریں