لاڙڪاڻو-11 جون (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو، پوليس ۽ رينجرز عملدارن تي زور ڀريو آهي ته هو محرم الحرام دوران سيڪيورٽي جا فول پروف بندوبست ڪيا وڃن، امن امان کي هر صورت ۾ قائم رکيو وڃي ۽ ٻين سمورن عملدارن کي هدايتون ڏنيون آهن ته هو پنهنجو پنهنجو ڪردار خوش اصلوبي سان نڀائين ته جيئن محرم الحرام خير خوبي سان گذري وڃي. هن چيو ته صفائي …
محرم الحرام دوران سيڪيورٽي جا فول پروف بندوبست ڪيا وڃن: ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-11 جون (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو، پوليس ۽ رينجرز عملدارن تي زور ڀريو آهي ته هو محرم الحرام دوران سيڪيورٽي جا فول پروف بندوبست ڪيا وڃن، امن امان کي هر صورت ۾ قائم رکيو وڃي ۽ ٻين سمورن عملدارن کي هدايتون ڏنيون آهن ته هو پنهنجو پنهنجو ڪردار خوش اصلوبي سان نڀائين ته جيئن محرم الحرام خير خوبي سان گذري وڃي. هن چيو ته صفائي سٿرائي سميت ضلعي جي ماتمي جلوسن جي گذرگاهن ۽ مجلس دوران اسٽريٽ لائيٽ ۽ ٻين گھربل انتظامن کي يقيني بنائين ته جيئن عوام ۽ خاص طور تي عزادارن کي ڪنهن به قسم جي ڪا تڪليف نه ٿئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊپٽي ڪمشنر آفيس لاڙڪاڻو جي درٻار هال ۾ محرم الحرام جي سلسلي ۾ انتظامن جو جائزو وٺڻ واري منعقده گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. گڏجاڻي ۾ پوليس عملدارن، رينجرز، لوڪل گورنمينٽ، سيپڪو، سئي گيس، صحت، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، پي پي ايڇ آءِ، چيمبر آف ڪامرس، ميونسپل ڪارپوريشن، سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ، ضلعي جي اسسٽنٽ ڪمشنرز ۽ مختلف فرقن جي عالمن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هن صحت کاتي جي عملدارن کي هدايتون ڏيندي چيو ته اسپتالن ۾ هنگامي بنيادن تي ڊاڪٽرن، ڊسپينسرن ۽ ٻئي عملي جون ڊيوٽيون لڳايون وڃن ۽ فرسٽ ايڊ جون مڪمل سهولتون موجود هئڻ گھرجن. هن ان موقعي تي ٽريفڪ پوليس جي عملدارن کي هدايتون ڏيندي چيو ته محرم الحرام دوران جلوسن جي روٽس ۾ ايندڙ رستن کي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي ته جيئن ڪنهن به قسم جي تڪليف نه ٿئي. هن رينجرز عملدارن کي هدايتون ڏيندي چيو ته امن امان برقرار رکڻ لاءِ موبائيل پئٽرولنگ مضبوط ڪيو وڃي ته جيئن امن امان برقرار رهي سگھي. هن ان موقعي تي عالمن سڳورن سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان اسان لاءِ قابل احترام آهيو اسين گڏجي پاڻ ۾ ڪم ڪنداسين ۽ انتظاميا اوهان سان ڀرپور تعاون ڪندي ۽ ٽائون چيئرمين، لوڪل گورنمينٽ ۽ ٻيا ادارا اوهان سان ڀرپور سهڪار ڪندا ۽ مان ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي چوان ٿو ته اوهان عالمن سڳورن سان ملن ته جيئن سندن مسئلا حل ٿين ۽ محرم جا ڏينهن خير خوبي سان گذري وڃن. ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو گڏجاڻي ۾ موجود اسڪائوٽس عملدارن کي هدايتون ڏيندي چيو ته اوهان پنهنجون ڪئمپون شهر ۾ لڳايو ۽ اتي دوائون ۽ فرسٽ ايڊ جون مڪمل سهولتون فراهم ڪيون وڃن. اجلاس ۾ ريسڪيو 1122 جي عملدارن کي پڻ هدايت ڪئي وئي ته هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي عملي، گاڏين ۽ ضروري سامان کي مڪمل طور تي تيار رکيو وڃي. جلوسن جي رستن ۽ اهم هنڌن تي ايمرجنسي رسپانس ٽيمون مقرر ڪيون وڃن ته جيئن ڪنهن به واقعي جي صورت ۾ فوري امدادي ڪارروائي عمل ۾ آڻي سگهجي. هن سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ جي عملدارن کي هدايتون ڏيندي چيو ته اوهان مڪمل پلان ٺاهيو ۽ محرم الحرام دوران سموري شهر جي روڊن رستن ۽ گھٽين جي مڪمل صفائي هئڻ گھرجي. هن سيپڪو ۽ سئي گيس جي عملدارن کي هدايتون ڏيندي چيو ته محرم الحرام جي 10 ڏينهن دوران بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي.





