سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ اقليتي شاگردن لاءِ داخلا ۽ اسڪالرشپ ڪوٽا تي عملدرآمد ٿي رھيو آھي: وائس چانسلر

حيدرآباد -11 جون (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام، هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) جي پاليسي مطابق اقليتي شاگردن لاءِ داخلا ۽ اسڪالرشپ ڪوٽا تي عملدرآمد ڪري رهي آهي ۽ ڪجهه صورتن ۾ کين وڌيڪ ترجيح به ڏني ويندي آھي، اھا ڳالهه سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال، نيشنل لابنگ ڊيليگيشن فار مائنارٽي رائٽس (اين ايل ڊي) جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي …

حيدرآباد -11 جون (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام، هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) جي پاليسي مطابق اقليتي شاگردن لاءِ داخلا ۽ اسڪالرشپ ڪوٽا تي عملدرآمد ڪري رهي آهي ۽ ڪجهه صورتن ۾ کين وڌيڪ ترجيح به ڏني ويندي آھي، اھا ڳالهه سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال، نيشنل لابنگ ڊيليگيشن فار مائنارٽي رائٽس (اين ايل ڊي) جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪئي، ڪرشن شرما جي اڳواڻي ۾ آيل وفد اقليتي ڪوٽا پاليسي لاڳو ڪرڻ ۽ اقليتي برادرين لاءِ تعليمي موقعن ۾ واڌ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وفد سان ڳالھائيندي ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي ملڪ جي اهم زرعي يونيورسٽين مان هڪ آهي، جتي گهڻا شاگرد وچولي ۽ گهٽ آمدني وارن خاندانن سان تعلق رکن ٿا، جن ۾ سنڌ جا پوئتي پيل ۽ غربت سٽيل علائقا ٿر، ڪاڇو، ڪوھستان ۽ ملڪ جا ٻيا حصا شامل آهن، هن چيو ته يونيورسٽي جا گريجوئيٽ اقليتي شاگرد به زراعت، لائيو اسٽاڪ، پولٽري، فوڊ سائنسز ۽ ٻين شعبن ۾ خدمتون انجام ڏئي رهيا آهن ۽ خوراڪ جي تحفظ ۽ غربت ۾ گهٽتائي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، وائيس چانسلر وفد کي ٻڌايو ته اقليتي اميدوارن کي داخلا ۽ اسڪالرشپس ۾ حڪومتي ضابطن مطابق موقعا فراهم ڪيا وڃن ٿا. هن اقليتي شاگردن لاءِ خاص اسڪالرشپ پروگرامن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو ، ڪرشن شرما ٻڌايو ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي سهڪار سان ملڪ جون سرڪاري يونيورسٽيون اقليتي ڪوٽا پاليسي تي عملدرآمد ڪري رهيون آهن. ان موقعي تي 2023 ۾ ايڇ اي سي پاران اقليتي شاگردن لاءِ ٻه سيڪڙو داخلا ڪوٽا بابت پاليسي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، چيئرمين اسٽوڊنٽ ٽيچر اينگيجمينٽ پروگرام پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر چيو ته سنڌ پنهنجي تاريخي، ثقافتي ۽ بين المذاهب هم آهنگي سبب ٻين صوبن جي مقابلي ۾ منفرد حيثيت رکي ٿي ۽ هتي شموليت ۽ برابر موقعن جا ھاڪاري مثال موجود آهن، وفد ۾ جنيد احمد ۽ جيونتي پرمار پڻ شامل هئا، جڏهن ته رجسٽرار غلام محي الدين قريشي وفد کي يونيورسٽي جي داخلا پاليسين بابت بريفنگ ڏني.

مزید خبریں