اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ماڻهن جي ڀلائي ۽ زندگي جي معيار کي بلند ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري رهڻ گهرجن، اها ڳالهه هن پنجاب جي گورنر ملڪ محمود رفيق رجوانه سان ڳالهائيندي چئي. جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. پنجاب جي گورنر رفيق رجوانه صدر کي نئين پارلياماني سال جي آغاز تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته صدر جو خطاب جامع هو جنهن ۾ سڀني اهم موضوعن تي ڳالهه ڪئي وئي.