سخت گرمي سبب احتياطي اپاءَ اختيار ڪيا وڃن : ڊاڪٽر پير غلام حسين

حيدرآباد-11 جون (اي پي پي) ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر پير غلام حسين سخت گرمي جي لهر سبب عوام کي احتياطي اپاءَ اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. جاري ڪيل بيان موجب هن چيو آهي ته موجوده سخت گرمي جي لهر سبب عوام غير ضروري طور تي گهرن کان ٻاهر ڪرڻ کان پاسو ڪري ۽ جيڪڏهن ٻاهر نڪرڻ ضروري هجي ته پوءِ  مٿو ۽ ڳچي کي ڍڪجي تي جئين سڌي ريت سج جي گرمائش کي بچي سگهجي. …

حيدرآباد-11 جون (اي پي پي) ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر پير غلام حسين سخت گرمي جي لهر سبب عوام کي احتياطي اپاءَ اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. جاري ڪيل بيان موجب هن چيو آهي ته موجوده سخت گرمي جي لهر سبب عوام غير ضروري طور تي گهرن کان ٻاهر ڪرڻ کان پاسو ڪري ۽ جيڪڏهن ٻاهر نڪرڻ ضروري هجي ته پوءِ  مٿو ۽ ڳچي کي ڍڪجي تي جئين سڌي ريت سج جي گرمائش کي بچي سگهجي. هن چيو ته سخت گرمي ۾ هلڪي رنگ جا سوٽي ڪپڙا پائڻ گهرجن جڏهن ته ٽوپي، ڇٽي  جو استعمال ڪجي ۽ ٽوال  جو پڻ استعمال ڪرڻ گهرجي .هن چيو ته  پاڻي، شربت، لسي ۽ ليمو پاڻي جو استعمال وڌ کان وڌ ڪرڻ ضروري آهي جڏهن ته هن سخت موسم ۾ ٻارن ۽ بزرگن جو خاص خيال رکڻ گهرجي.

مزید خبریں