لاڙڪاڻو /شڪارپور-11 جون (اي پي پي) شڪارپور ۾ محرام الحرم دوران انتظامن جي حوالي سان اهم گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي. گڏجاڻي ڊپٽي ڪمشنر آفيس درٻار هال ۾ منعقد ٿي جنهن جي صدارت ڊي سي شڪيل احمد ابڙو ڪئي. اجلاس ۾ ايس ايس پي محمد ڪليم ملڪ، ڊي ايس آر رينجرس ظهور، اي ڊي سي محمد فيضان چيما، چئني تعلقن جي اي سي، سيپڪو، سوئي گيس، لوڪل گورنمينٽ، 1122 جي آفيسرن، ٽائون چيئرمين سميت شيعه سني علماءَ ۽ تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. …
شڪارپور ۾ محرام الحرم دوران انتظامن جي حوالي سان اهم گڏجاڻي

مزید خبریں
لاڙڪاڻو /شڪارپور-11 جون (اي پي پي) شڪارپور ۾ محرام الحرم دوران انتظامن جي حوالي سان اهم گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي. گڏجاڻي ڊپٽي ڪمشنر آفيس درٻار هال ۾ منعقد ٿي جنهن جي صدارت ڊي سي شڪيل احمد ابڙو ڪئي. اجلاس ۾ ايس ايس پي محمد ڪليم ملڪ، ڊي ايس آر رينجرس ظهور، اي ڊي سي محمد فيضان چيما، چئني تعلقن جي اي سي، سيپڪو، سوئي گيس، لوڪل گورنمينٽ، 1122 جي آفيسرن، ٽائون چيئرمين سميت شيعه سني علماءَ ۽ تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ڊي سي شڪيل احمد ابڙو سيپڪو عملي کي سختيءَ سان هدايت ڪئي ته پهرين کان تيرهين محرم تائين رات جو لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي. جلوسن جي روٽن تان بجلي، ٽيليفون ۽ ڪيبل جون تارون هٽايون وڃن. ٽي ايم اوز ۽ ٽائون چيئرمينن کي صفائي ۽ اسٽريٽ لائيٽ جو بندوبست ڪرڻ جو ن هديتون جاري ڪيون. گڏجاڻي دوران فيصلو ڪيو ويو ويو ته تعلقا سطح تي اي سي جي سربراهي ۾ نگران ڪميٽيون جوڙيون وينديون. ايس ايس پي محمد ڪليم ملڪ ٻڌايو ته شڪارپور ۾ 3123 مرد ۽ عورت پوليس اهلڪار، 300 رينجرس ۽ 200 آرمي جا جوان سيڪيورٽي جا فرض سر انجام ڏيندا. سنجراڻي محلا، رستم موڙ ۽ داون شاهه محلا جي سيڪيورٽي مسئلن کي فوري حل ڪيو ويندو. پابندي پيل تنظيمن جي چرپر تي ڪڙي نظر رکي پئي وڃي.شيعه علماءَ ڪائونسل جي صدر علي احمد ٻرڙو، وحدت المسلمين جي اصغر سيٺار ۽ ٻين عالمن صفائي، لائيٽنگ ۽ سيڪيورٽي جا جوڳا انتظام ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.اجلاس ۾ اهلسنت جي علماءَ مولانا شفيق احمد قادري، قاري مجيب الرحمان مدني، مولانا عطا محمد پهوڙ سميت ٻين به شرڪت ڪئي.











