اسلام آباد _11 جون (اي پي پي ) دنيا جي سڀ کان وڏي ۽ مشهور راند ” فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع “ هڪ نئين ۽ سنسني خيز فارميٽ سان سجڻ لاءِ تيار آهي. هن ڀيري ٽورنامنٽ ۾ رڪارڊ 48 ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن. جنهن سبب مقابلن جو شيڊول پهريان کان ڪيترائي ڀيرا ڊگهو ۽ دلچسپ آهي. پاڪستاني فٽ بال جي مداحن لاءِ سٺي خبر آهي ته ميچن جي سموري …
فيفا ورلڊ ڪپ، ميچن جو شيڊول پاڪستاني وقت مطابق جاري

مزید خبریں
اسلام آباد _11 جون (اي پي پي ) دنيا جي سڀ کان وڏي ۽ مشهور راند ” فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع “ هڪ نئين ۽ سنسني خيز فارميٽ سان سجڻ لاءِ تيار آهي. هن ڀيري ٽورنامنٽ ۾ رڪارڊ 48 ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن. جنهن سبب مقابلن جو شيڊول پهريان کان ڪيترائي ڀيرا ڊگهو ۽ دلچسپ آهي. پاڪستاني فٽ بال جي مداحن لاءِ سٺي خبر آهي ته ميچن جي سموري وقت کي پاڪستاني معياري وقت (پي ڪي ٽي) مطابق ترتيب ڏنو ويو آهي ته جيئن هو رات ۽ صبح سوير ٿيندڙ ان سنسني خيز مقابلن مان ڀرپور لطف اندوز ٿي سگهن. ٽورنامينٽ جي باقاعده شروعات جمعي ڏينهن 12 جون تي اڌ رات 12 وڳي گروپ (اي ) جي افتتاحي ميچ سان ٿي رهي آهي جتي ميڪسيڪو ۽ ڏکڻ آفريقا جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. فٽ بال جي ديوانن ۽ مداحن لاءِ سموري ٽورنامينٽ جو تفصيل ۽ مرحليوار ٽائم لائن ڪجهه هيئن آهي. ٽورنامنٽ جو اهم مرحلو گروپ اسٽيج جو ميلو، 12 جون کان 28 جون تائين (17 ڏينهن مسلسل ايڪشن ) رائونڊ آف 32 (نئون مرحلو 29 جون کان 4 جولاءِ تائين کيڏيو ويندو. رائونڊ آف 16 (ناڪ آئوٽ ) 5 جولاءِ کان 8 جولاءِ تائين کيڏيو ويندو. سيمي فائنل جي جنگ مرحلي وار 15 جولاءِ ۽ 16 جولاءِ تي مڪمل ٿي ويندي. ميگا ايونٽ جي ٽين پوزيشن لاءِ ميچ 19 جولاءِ تي کيڏي ويندي. ورلڊ ڪپ جو فائنل 20 جولاءِ (سومر ڏينهن، اڌ رات 12 وڳي ٿيندو.











