پاڪستان فٽبال جي ميدان ۾ تاريخ لکي ڇڏي، قومي ٽيم ڊائمنڊ جوبلي انٽرنيشنل فٽبال ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ افغانستان کي شڪست ڏئي چيمپئن بڻجي وئي

لاهور- 11 جون (اي پي پي) پاڪستان فٽبال جي ميدان ۾ تاريخ لکندي قومي ٽيم مالديپ ۾ کيڏيل ڊائمنڊ جوبلي انٽرنيشنل فٽبال ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ افغانستان کي 0-2 تان شڪست ڏئي ٽائيٽل کٽيندي چيمپئن بڻجي وئي آهي. شايق دوست جي شاندار اوور هيڊ ڪِڪ ۽ هارون حميد جي آخري منٽ ۾ گول پاڪستان کي 74 سالن جي انتظار کان پوءِ پهريون ڀيرو ڪنهن وڏي فٽبال ٽورنامينٽ جو ٽائيٽل ڏياريو. …

لاهور- 11 جون (اي پي پي) پاڪستان فٽبال جي ميدان ۾ تاريخ لکندي قومي ٽيم مالديپ ۾ کيڏيل ڊائمنڊ جوبلي انٽرنيشنل فٽبال ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ افغانستان کي 0-2 تان شڪست ڏئي ٽائيٽل کٽيندي چيمپئن بڻجي وئي آهي. شايق دوست جي شاندار اوور هيڊ ڪِڪ ۽ هارون حميد جي آخري منٽ ۾ گول پاڪستان کي 74 سالن جي انتظار کان پوءِ پهريون ڀيرو ڪنهن وڏي فٽبال ٽورنامينٽ جو ٽائيٽل ڏياريو. مالي نيشنل اسٽيڊيم ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪائيندڙ مداحن جي سامهون شايق دوست 24 هين منٽ ۾ هوا ۾ ٽپو ڏيندي گول ڪيو، جڏهن ته متبادل رانديگر هارون حميد اضافي وقت ۾ هڪ ڊفينڊر کي ڊاج ڏيئي گول ڪندي فتح کي يقيني بڻايو. ان کان اڳ، پاڪستان جي آخري ٽورنامينٽ فتح 1952ع جي ايشين ڪواڊرينگولر ۾ ٿي هئي. 1962ع کانپوءِ اهو پهريون ڀيرو آهي جو شاهين ڪنهن ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ پهتا ۽ فتح حاصل ڪئي. پاڪستان فٽبال فيڊريشن جي صدر سيد محسن گيلاني قوم کي مبارڪباد ڏيندي ان فتح کي پنهنجي صدارت جي دور جو بهترين لمحو قرار ڏنو. هن چيو ته اڄ، پاڪستان فٽبال دنيا کي ٻُڌائي ڇڏيو آهي ته ان ۾ عزم ۽ حوصلو آهي. هي هڪ نئين باب جي شروعات آهي، اسان فٽبال جي تاريخ نئين نموني لکڻ جو عزم ڪريون ٿا.

مزید خبریں