محسن نقوي پاران ڊائمنڊ جوبلي انٽرنيشنل فٽبال ٽورنامينٽ کٽڻ تي پاڪستان فٽبال ٽيم کي مبارڪباد

لاهور- 11 جون (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي مالديپ ۾ منعقد ٿيندڙ ڊائمنڊ جوبلي انٽرنيشنل فٽبال ٽورنامينٽ کٽڻ تي پاڪستان فٽبال ٽيم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته گرين شرٽس فائنل ۾ افغانستان کي شڪست ڏئي پوري قوم جو سر فخر سان بلند ڪري ڇڏيو. پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ محسن نقوي چيو ته قومي فٽبالرن ميدان تي شاندار راند ۽ غير …

لاهور- 11 جون (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي مالديپ ۾ منعقد ٿيندڙ ڊائمنڊ جوبلي انٽرنيشنل فٽبال ٽورنامينٽ کٽڻ تي پاڪستان فٽبال ٽيم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته گرين شرٽس فائنل ۾ افغانستان کي شڪست ڏئي پوري قوم جو سر فخر سان بلند ڪري ڇڏيو. پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ محسن نقوي چيو ته قومي فٽبالرن ميدان تي شاندار راند ۽ غير معمولي جذبي جو مظاهرو ڪندي تاريخ لکي ڇڏي. هن چيو ته ڊگهي عرصي کانپوءِ پهريون عالمي فٽبال ٽائيٽل کٽڻ پاڪستان فٽبال لاءِ هڪ نئين دور جي شروعات آهي. پي سي بي جي چيئرمين چيو ته قومي فٽبال ٽيم جي تاريخي فتح هر رانديگر لاءِ حوصلي افزا آهي. هن رانديگرن ۽ ٽيم انتظاميا جي محنت ۽ لگن کي ساراهيندي مستقبل جي مقابلن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پُڻ ڪيو.

مزید خبریں