پشاور- 10 جون (اي پي پي) ڪي پي ڪي جي وڏي وزير محمد سهيل آفريدي پشاور حسن خيل ۾ دهشتگرد حملي ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري جي 6 اهلڪارن جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعليٰ هائوس پشاور جي ترجمان موجب وڏي وزير چيو ته شهيد اهلڪارن جي قرباني قوم هميشه ياد رکندي، دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون وِسارڻ جوڳيون ناهن. هن چيو ته ملڪ جي دفاع …
ڪي پي ڪي جي وڏي وزير پاران حسن خيل ۾ دهشتگرد حملي ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري جي 6 اهلڪارن جي شهادت تي تعزيت جو اظهار
پشاور- 10 جون (اي پي پي) ڪي پي ڪي جي وڏي وزير محمد سهيل آفريدي پشاور حسن خيل ۾ دهشتگرد حملي ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري جي 6 اهلڪارن جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعليٰ هائوس پشاور جي ترجمان موجب وڏي وزير چيو ته شهيد اهلڪارن جي قرباني قوم هميشه ياد رکندي، دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون وِسارڻ جوڳيون ناهن. هن چيو ته ملڪ جي دفاع لاءِ جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ اسان جا هيروز آهن، شهيدن جي وارثن جي غم ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن لاءِ صبر جي دُعا ڪئي. هن چيو ته دهشتگرد ڌُريون قوم جا حوصلا ڪمزور نٿيون ڪري سگهن، امن دشمن ڌُرين جي ناپاڪ اِرادن کي هر صورت ۾ ناڪام بڻايو ويندو. سيڪيورٽي فورسز جي بهادري ۽ قربانين عيوض دهشتگرديءَ خلاف جنگ جاري رهندي. هن چيو ته قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي، دهشتگرديءَ جي خاتمي ۽ پائيدار امن لاءِ پوري قوم متحد آهي. هن چيو ته شهيدن جو رت رائيگان نه ويندو.












