ڪراچي- 10 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران ٿرپارڪر ۾ هڪ اُٺڻي تي ٿيل بي رحماڻي تشدد واري واقعي جو سخت نوٽيس وٺڻ بعد واقعي جو ڪيس داخل ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. وڏي وزير زخمي اُٺڻي کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون. وڏي وزير جي ترجمان موجب سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ ڪاظم جتوئي وڏي وزير …
ٿرپارڪر ۾ اُٺڻي تي ٿيل بي رحماڻي تشدد واري واقعي جو ڪيس داخل، 2 ڄڻا گرفتار
ڪراچي- 10 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران ٿرپارڪر ۾ هڪ اُٺڻي تي ٿيل بي رحماڻي تشدد واري واقعي جو سخت نوٽيس وٺڻ بعد واقعي جو ڪيس داخل ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. وڏي وزير زخمي اُٺڻي کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون. وڏي وزير جي ترجمان موجب سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ ڪاظم جتوئي وڏي وزير کي پيش ڪيل رپورٽ ۾ آگاهه ڪيو ته تشدد جو شڪار بڻيل 13 سالن جي اُٺڻي جي حالت علاج کانپوءِ هاڻي مستحڪم ٿي چڪي آهي. رپورٽ موجب اُٺڻي هاڻي بيهڻ، هلڻ، کاڌو کائڻ ۽ پاڻي پيئڻ جي قابل ٿي وئي آهي. وڏي وزير هدايت ڪئي آهي ته اُٺڻي جي مڪمل صحتيابي تائين سندس 24 ڪلاڪ نگراني ڪئي وڃي. هن چيو ته جانورن تي ظلم ڪنهن به مهذب معاشري ۾ برداشت نٿو ڪري سگهجي ۽ بي زبان جانور تي ڪيل هي ظلم انتهائي افسوسناڪ ۽ دل ڏاريندڙ آهي. رپورٽ موجب اُٺڻي جي ساڄي اک مڪمل طور ضايع ٿي چڪي آهي، جڏهن ته کاٻي اک ۾ شديد سوڄ آهي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته ويٽرنري سرجن جي نگراني ۾ کاٻي اک جو آپريشن ڪري ان کي بحال ڪرڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن. ڪاظم جتوئي موجب اُٺڻي جي جسم تي ڪيترائي زخم ۽ تشدد جا نشان موجود آهن، جڏهن ته متاثر ڳوٺ ۾ ويٽرنري ماهرن جي هڪ خصوصي ٽيم مقرر ڪئي وئي آهي. اُٺڻي کي اينٽي بايوٽڪس، سور گهٽائڻ واريون دوائون ۽ غذائي سهائتا پڻ فراهم ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته روزانو بنيادن تي طبي معائني ذريعي سندس صحت جو جائزو ورتو پيو وڃي. وڏي وزير جي هدايت تي ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر حليم جاگيراڻي اُٺڻي جي جاري علاج جو جائزو ورتو ۽ مالڪن سان پڻ ملاقات ڪئي. هوڏانهن ايس ايس پي ٿرپارڪر عارف عزيز وڏي وزير کي آگاهه ڪيو آهي ته پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. سيد مراد علي شاهه هدايت ڪئي آهي ته واقعي ۾ ملوث عنصرن خلاف فوري قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جانورن جي سارسنڀال ۽ ڀلائي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي ۽ ٿرپارڪر جو هي واقعو جانورن جي تحفظ بابت قانونن تي سختي سان عملدرآمد جي ضرورت کي اجاگر ڪري ٿو. هن علاج ۽ بحالي جي عمل لاءِ سمورا وسيلا فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته سنڌ حڪومت بي زبان جانورن جي تحفظ ۽ ڀلائي لاءِ مڪمل طور پرعزم آهي.











