حيدرآباد- 10 جون (اي پي پي) ٽنڊو ڄام ٿاڻي جي پوليس بلوري شاخ ڀرسان مبينا مقابلي کان پوءِ هڪ ڏوهاري ذيشان چنا کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ان جي قبضي مان لوڊ پستول هٿ اچڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جا ٻه ساٿي موٽر سائيڪل سميت ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. جڏهن ته زخمي جوابدار …
ٽنڊو ڄام پوليس پاران بلوري شاخ ڀرسان مبينا مقابلي کان پوءِ هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

مزید خبریں
حيدرآباد- 10 جون (اي پي پي) ٽنڊو ڄام ٿاڻي جي پوليس بلوري شاخ ڀرسان مبينا مقابلي کان پوءِ هڪ ڏوهاري ذيشان چنا کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ان جي قبضي مان لوڊ پستول هٿ اچڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جا ٻه ساٿي موٽر سائيڪل سميت ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. جڏهن ته زخمي جوابدار کي علاج لاءِ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب گرفتار ٿيل جوابدار ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل آهي.











