سنڌ حڪومت پاران ڪراچي ۾ نيو سبزي منڊي ۾ ٽرانسپورٽرز کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ خصوصي ون ونڊو فيسليٽيشن ڊيسڪ قائم ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي- 09 جون (اي پي پي) صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت نيو سبزي منڊي ۾ ٽرانسپورٽرز کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ خصوصي ون ونڊو فيسليٽيشن ڊيسڪ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ادارن کي فوري قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهي. اهڙو اظهار هن هڪ اجلاس جي صدارت دوران ڪيو اجلاس ۾ فيصلو ڪيو …

ڪراچي- 09 جون (اي پي پي) صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت نيو سبزي منڊي ۾ ٽرانسپورٽرز کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ خصوصي ون ونڊو فيسليٽيشن ڊيسڪ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ادارن کي فوري قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهي. اهڙو اظهار هن هڪ اجلاس جي صدارت دوران ڪيو اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته نيو سبزي منڊي ۾ ٽرانسپورٽرز لاءِ ون ونڊو فيسليٽيشن ڊيسڪ قائم ڪئي وڃي، جتي مال بردار گاڏين جي مالڪن ۽ آپريٽرن کي هڪ ئي هنڌ تي مختلف سهولتون فراهم ڪيون وينديون. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته فيسليٽيشن ڊيسڪ قائم ڪرڻ جو مقصد ڪراچي ايندڙ مال بردار گاڏين کي روٽ پرمٽ، فٽنيس سرٽيفڪيٽ ۽ ٻين ضروري دستاويزن جي جاري ڪرڻ ۽ تجديد جون سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته حڪومت جو هدف 30 جون 2026ع تائين وڌ کان وڌ ڪمرشل ۽ مال بردار گاڏين کي سنڌ حڪومت جي ڊجيٽل ۽ آٽوميشن نظام ۾ شامل ڪرڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته ان قدم سان قانوني گهُرجن جي پوري ٿيڻ، ٽرانسپورٽرز کي وقت سر سهولتن جي فراهمي ۽ مالي سال 2025-26ع جي هدفن جي حاصلات کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. سندس چوڻ هو ته موجوده هفتي دوران فيسليٽيشن ڊيسڪ کي مڪمل طور فعال بڻايو پيو وڃي. شرجيل انعام ميمڻ موجب عملي جي مقرري، ٽرانسپورٽرز جي آگاهي لاءِ بينرن ۽ عوامي نوٽيسز سميت سڀ ضروري انتظام مڪمل ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته سنڌ حڪومت عوامي خدمتن ۽ ٽرانسپورٽ شعبي ۾ مڪمل ڊجيٽلائزيشن جي ويزن تي تيزي سان عمل ڪري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته نيو سبزي منڊي ۾ فيسليٽيشن ڊيسڪ قائم ٿيڻ سان ٽرانسپورٽرز کي مختلف آفيسن جا چڪر لڳائڻ کان نجات ملندي، جڏهن ته ڊجيٽل روٽ پرمٽن ۽ فٽنيس سرٽيفڪيٽن جي نظام ذريعي وقت ۽ خرچ ٻنهي ۾ نمايان بچت ٿيندي.