سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران گڏيل چٽا ڀيٽي امتحان 2025ع جي اسڪريننگ ٽيسٽ جو نتيجو جاري

حيدرآباد- 09 جون (اي پي پي) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران گڏيل چٽا ڀيٽي امتحان 2025ع جي اسڪريننگ ٽيسٽ جو نتيجو جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ مجموعي طور 8108 اميدوار ڪامياب قرار ڏنا ويا آهن. اسڪريننگ ٽيسٽ 6 جون 2026ع تي ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي مختلف امتحاني مرڪزن تي هڪ ئي وقت منعقد ڪئي وئي هئي.سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان گڏيل چٽا ڀيٽي امتحان 2025ع لاءِ اعلان …

حيدرآباد- 09 جون (اي پي پي) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران گڏيل چٽا ڀيٽي امتحان 2025ع جي اسڪريننگ ٽيسٽ جو نتيجو جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ مجموعي طور 8108 اميدوار ڪامياب قرار ڏنا ويا آهن. اسڪريننگ ٽيسٽ 6 جون 2026ع تي ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي مختلف امتحاني مرڪزن تي هڪ ئي وقت منعقد ڪئي وئي هئي.
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان گڏيل چٽا ڀيٽي امتحان 2025ع لاءِ اعلان اشتهار نمبر 09/2025 تحت ڪيو ويو هو، جنهن ۾ 27,275 اميدوارن درخواستون جمع ڪرايون، جڏھن ته 16 هزار اميدوارن اسڪريننگ ٽيسٽ ۾ شرڪت ڪئي. جاري ڪيل نتيجن موجب 8108 اميدوار اسڪريننگ مرحلي ۾ ڪامياب قرار ڏنا ويا آهن، جن جا تفصيل سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ويب سائيٽ تي پڻ جاري ڪيا ويا آهن.