حيدرآباد- 09 جون (اي پي پي) ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ محرم الحرام جي سلسلي ۾ سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ پاڪ فوج، رينجرز، سي ٽي ڊي، اسپيشل برانچ ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن سان گڏ قدم گاه مولا عليؑ، اماميه ٽرسٽ لطيف آباد ۽ جلوسن ۽ مجلسن جي اهم رستن جو تفصيلي دورو ڪيو. ان موقعي تي ڊي ايس پي سيڪيورٽي جنيد عباسي به موجود هو. …
ايس ايس پي حيدرآباد جو محرم الحرام جي سلسلي ۾ سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ مختلف علائق جو تفصيلي دورو
حيدرآباد- 09 جون (اي پي پي) ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ محرم الحرام جي سلسلي ۾ سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ پاڪ فوج، رينجرز، سي ٽي ڊي، اسپيشل برانچ ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن سان گڏ قدم گاه مولا عليؑ، اماميه ٽرسٽ لطيف آباد ۽ جلوسن ۽ مجلسن جي اهم رستن جو تفصيلي دورو ڪيو. ان موقعي تي ڊي ايس پي سيڪيورٽي جنيد عباسي به موجود هو. دوري دوران وفد دادن شاهه، سرفراز چاڙهي، تلڪ چاڙهي سميت مختلف حساس ۽ اهم رستن جو معائنو ڪيو ۽ قدم گاه مولا عليؑ و اماميه ٽرسٽ لطيف آباد پهچي منتظمين سان ملاقاتون ڪيون. ايس ايس پي حيدرآباد ۽ ٻين آفيسرن محرم الحرام دوران سيڪيورٽي، ٽريفڪ جي رواني، داخلي ۽ خارجي رستن، پارڪنگ انتظامن ۽ عزادارن کي درپيش ممڪن مسئلن جو تفصيلي جائزو ورتو. ان موقعي تي منتظمين پاران ٻڌايل مسئلن جو جائزو ورتو ويو ۽ انهن جي حل لاءِ لاڳاپيل آفيسرن کي ضروري هدايتون جاري ڪيون ويون. ايس ايس پي حيدرآباد سيڪيورٽي تي مقرر آفيسرن ۽ جوانن کي هدايت ڪئي ته محرم الحرام دوران جلوسن ۽ مجلسن جي فول پروف سيڪيورٽي، ٽريفڪ جي اثرائتي نگراني ۽ عزادارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ضلعي پوليس سڀني قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان مڪمل رابطي ۽ گڏيل تعاون ذريعي پُرامن ۽ محفوظ ماحول جي فراهمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي.












