ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو جي صدارت هيٺ ضلعي ۾ اي آر وي ۽ گيسٽرو جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس منعقد

لاڙڪاڻو- 09 جون (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو جي صدارت هيٺ اي آر وي ۽ گيسٽرو جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ايڊشنل ضلعي صحت آفيسر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر امان الله ابڙو، ايڊشنل ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال لاڙڪاڻو ڊاڪٽر علي سرور شاهه، فوڪل پرسن ڊاڪٽر فرمان علي ابڙو ۽ صحت کاتي جا ٻيا عملدار موجود هئا. فوڪل پرسن ڊاڪٽر فرمان علي ابڙو …

لاڙڪاڻو- 09 جون (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو جي صدارت هيٺ اي آر وي ۽ گيسٽرو جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ايڊشنل ضلعي صحت آفيسر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر امان الله ابڙو، ايڊشنل ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال لاڙڪاڻو ڊاڪٽر علي سرور شاهه، فوڪل پرسن ڊاڪٽر فرمان علي ابڙو ۽ صحت کاتي جا ٻيا عملدار موجود هئا. فوڪل پرسن ڊاڪٽر فرمان علي ابڙو ڊپٽي ڪمشنر کي اي آر وي ۽ گيسٽرو بابت ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته پهرين جنوري 2026ع کان 31 مئي 2026ع تائين ضلعي ۾ ڪل 8742 اي آر وي مريضن ۽ 66 آر آءِ جي مريضن کي وئڪسين ڏني وئي. هاڻي ضلعي جي مختلف اسپتالن ۾ 2120 اي آر وي ۽ 562 آر آءِ جي وئڪسين موجود آهن. فوڪل پرسن وڌيڪ ٻڌايو ته گيسٽرو جي حوالي سان 5 ورهين کان گهٽ عمر وارن 3018 ڊائريا جي مريضن جو پرائمري هيلٿ ڪيئر ۾ ۽ 233 مريض سيڪنڊري هيلٿ ڪيئر ۾ علاج ڪيو ويو، 5 ورهين کان گهٽ عمر وارن 509 پيچش جي مريض جو پرائمري هيلٿ ڪيئر ۾ ۽ 25 مريضن جو سيڪنڊري هيلٿ ڪيئر ۾ علاج ڪيو ويو، 5 ورهين کان مٿي عمر وارن 4827 ڊائريا ۽ پيچش جي مريضن جو پرائمري هيلٿ ڪيئر ۾ علاج ٿيو ۽ مئي 2026ع دوران 170 مريضن جو سيڪنڊري هيلٿ ڪيئر ۾ علاج ٿيو. ڊپٽي ڪمشنر سڀني شرڪت ڪندڙن کي هدايت ڪئي ته ضلعي جي مختلف اسپتالن ۾ ARV ۽ RIG وئڪسينيشن جي دستيابي کي يقيني بڻائين، ڊائريا ۽ پيچش جي مريضن کي بهتر علاج مهيا ڪن، ۽ پاليسي موجب ايمرجنسي خدمتن ۾ مريضن کي مڪمل سهولتون فراهم ڪيون وڃن.