حيدرآباد- 09 جون (اي پي پي) بلديه ٿاڻي جي حد ۾ واقع اڪرم واهه مان هٿ منهن ڌوئڻ دوران 26 ورهين جي هڪ عورت واهه ۾ ڪري پئي ۽ ٻڏي وئي، واهه ۾ لڙهي ويل عورت جي مڙس گلو شيخ جو چوڻ آهي ته سندس زال جي طبيعت خراب هئي ۽ ان جو ذهني توازن به ٺيڪ نه هو، واقعي جو اطلاع ملڻ تي سنڌ ايمرجنسي ريسڪيو سروس جي ٽيم …
حيدرآباد ۾ بلديه ٿاڻي جي حد ۾ اڪرم واهه ۾ عورت ٻڏي وئي، ڳولا جاري
حيدرآباد- 09 جون (اي پي پي) بلديه ٿاڻي جي حد ۾ واقع اڪرم واهه مان هٿ منهن ڌوئڻ دوران 26 ورهين جي هڪ عورت واهه ۾ ڪري پئي ۽ ٻڏي وئي، واهه ۾ لڙهي ويل عورت جي مڙس گلو شيخ جو چوڻ آهي ته سندس زال جي طبيعت خراب هئي ۽ ان جو ذهني توازن به ٺيڪ نه هو، واقعي جو اطلاع ملڻ تي سنڌ ايمرجنسي ريسڪيو سروس جي ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي ٻڏي ويل عورت جي ڳولا لاءِ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو هو.










