سنڌ جي وڏي وزير پاران گلگت بلتستان ۾ پ پ پ جي شاندار ڪاميابي تي پارٽي قيادت، ڪارڪنن ۽ عوام کي دل جي گهراين سان مبارڪون پيش

ڪراچي- 08 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گلگت بلتستان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شاندار ڪاميابي تي پارٽي قيادت، ڪارڪنن ۽ عوام کي دل جي گهراين سان مبارڪ ڏني آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ سيد مراد علي شاهه چيو ته گلگت بلتستان جي عوام هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان پيپلز پارٽي تي پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي …

ڪراچي- 08 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گلگت بلتستان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شاندار ڪاميابي تي پارٽي قيادت، ڪارڪنن ۽ عوام کي دل جي گهراين سان مبارڪ ڏني آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ سيد مراد علي شاهه چيو ته گلگت بلتستان جي عوام هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان پيپلز پارٽي تي پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي اها ڪاميابي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي عوام دوست فلسفي ۽ جدوجهد جي فتح آهي. وڏي وزير چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سڄي ملڪ ۾ عوامي خدمت، ترقي ۽ خوشحالي جو سفر جاري رکندي. هن چيو ته گلگت بلتستان جي عوام نفرت، ورهاست ۽ انتشار واري سياست کي رد ڪندي خدمت، ترقي ۽ حقيقي عوامي نمائندگي کي ترجيح ڏني آهي. هن چونڊجي آيل سڀني پيپلز پارٽي اميدوارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هي ڪاميابي عوامي مسئلن جي حل ۽ پارٽي جي عوام دوست منشور تي اعتماد جو واضح ثبوت آهي. هن وڌيڪ چيو ته پارٽي ڪارڪنن ۽ ووٽرن ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي وفاق جي علامت ۽ عوام جي حقيقي نمائنده جماعت آهي. وڏي وزير گلگت بلتستان جي عوام جو پڻ ٿورو مڃيو، جن جمهوري عمل ۾ ڀرپور حصو وٺندي جمهوريت کي مضبوط بڻايو. سيد مراد علي شاهه اميد ظاهر ڪئي ته گلگت بلتستان ۾ پيپلز پارٽي جي اها ڪاميابي جمهوريت، ترقي ۽ عوامي خدمت جي نئين دور جي شروعات ثابت ٿيندي.

مزید خبریں