سمنڊ صرف پاڻيءَ جو ذخيرو نه، پر زندگي، تهذيب ۽ انساني ترقي جي ضمانت آهن: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي- 08 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عالمي سامونڊي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته سمنڊ زندگي، معيشت ۽ ماحولياتي توازن جو بنيادي ذريعو آهن، جڏهن ته سنڌ جو ساحل ۽ سمنڊ اسان جي قدرتي ورثي جو اهم حصو آهن. هن چيو ته سمنڊن جو تحفظ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، ڇاڪاڻ⁠ته سمنڊ زمين جي 50 سيڪڙو کان …

ڪراچي- 08 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عالمي سامونڊي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته سمنڊ زندگي، معيشت ۽ ماحولياتي توازن جو بنيادي ذريعو آهن، جڏهن ته سنڌ جو ساحل ۽ سمنڊ اسان جي قدرتي ورثي جو اهم حصو آهن. هن چيو ته سمنڊن جو تحفظ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، ڇاڪاڻ⁠ته سمنڊ زمين جي 50 سيڪڙو کان وڌيڪ آڪسيجن پيدا ڪن ٿا ۽ دنيا جي ڪروڙين ماڻهن لاءِ خوراڪ ۽ روزگار جو اهم ذريعو آهن. وڏي وزير چيو ته هن سال سمنڊ جي عالمي ڏينهن جو عنوان ”ري اميجائين“ رکيو ويو آهي، جنهن جو مقصد سمنڊن کي نئين سوچ ۽ نئين انداز سان ڏسڻ ۽ انهن جي تحفظ لاءِ وڌيڪ اثرائتا قدم کڻڻ آهي. هن چيو ته ماحولياتي گدلاڻ، پلاسٽڪ جي فضلي ۽ موسمياتي تبديلين سبب سامونڊي حياتي کي سنگين خطرا لاحق آهن، تنهن ڪري سمنڊن ۽ سامونڊي وسيلن جي حفاظت وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت سامونڊي علائقن، مينگروز جي ٻيلن ۽ سامونڊي حياتياتي تنوع جي تحفظ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته مينگرووز موسمياتي تبديلين خلاف قدرتي ڍال جي حيثيت رکن ٿا ۽ انهن جو تحفظ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته سمنڊ صرف پاڻيءَ جو ذخيرو نه، پر زندگي، تهذيب ۽ انساني ترقي جي ضمانت آهن. مستقبل جي نسلن لاءِ صاف، محفوظ ۽ صحتمند سامونڊي ماحول جو تحفظ اسان جي قومي ۽ اخلاقي ذميواري آهي. هن عزم ظاهر ڪيو ته سنڌ حڪومت سمنڊن سميت سڀني آبي وسيلن جي تحفظ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي، جڏهن ته عوام کي اپيل ڪئي ته هو ساحلن ۽ سامونڊي ماحول کي گدلاڻ کان پاڪ رکڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. سيد مراد علي شاهه چيو ته وقت جي اهم ضرورت آهي ته سمنڊن مان رڳو فائدو وٺڻ بدران انهن جا محافظ بڻجي انهن جي بقا ۽ سلامتي لاءِ گڏيل جدوجهد ڪئي وڃي، ڇو ته صحتمند سمنڊ ئي محفوظ مستقبل جي ضمانت آهن.

مزید خبریں