ڪراچي- 08 جون (اي پي پي) صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) سنڌ صوبي جي اڪثر ضلعن ۾ (اڄ) اڱاري کان 12 جون تائين شديد گرمي جي لهر (هيٽ ويو) ۽ مٽيءَ جي طوفانن بابت الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. ڊائريڪٽر جنرل پي ڊي ايم اي سلمان شاهه موجب صوبي جي مختلف علائقن ۾ گرمي پد معمول کان 4 کان 6 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهڻ جو امڪان …
صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي پاران سڄي صوبي ۾ (اڄ) اڱاري کان 12 جون تائين شديد گرمي جي لهر (هيٽ ويو) ۽ مٽيءَ جي طوفانن بابت الرٽ جاري

مزید خبریں
ڪراچي- 08 جون (اي پي پي) صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) سنڌ صوبي جي اڪثر ضلعن ۾ (اڄ) اڱاري کان 12 جون تائين شديد گرمي جي لهر (هيٽ ويو) ۽ مٽيءَ جي طوفانن بابت الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. ڊائريڪٽر جنرل پي ڊي ايم اي سلمان شاهه موجب صوبي جي مختلف علائقن ۾ گرمي پد معمول کان 4 کان 6 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي. هن چيو ته سکر، شڪارپور، قمبر شهدادڪوٽ، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ گرمي پد 48 کان 51 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته دادو، شهيد بينظير آباد، گهوٽڪي، خيرپور ۽ نوشهروفيروز ضلعن ۾ پڻ شديد گرمي جي لهر برقرار رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ٿرپارڪر، بدين، حيدرآباد، مٽياري، عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص ۾ گرمي پد 42 کان 45 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو. هن چيو ته ڪراچي ڊويزن ۾ اڄ کان 12 جون تائين گرمي پد 39 کان 42 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي. شديد گرمي سبب صوبي جي ميداني علائقن ۾ مٽيءَ جا طوفان به اچي سگهن ٿا. هن شهرين کي هدايت ڪئي ته هو صبح 10 وڳي کان شام 4 وڳي تائين غير ضروري طور سِج جي تپش ۾ نڪرڻ کان پاسو ڪن، وڌيڪ پاڻي ۽ مشروبات استعمال ڪن ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪن. هن چيو ته ٻار، عورتون ۽ بزرگ شهري خاص خيال رکن، جڏهن ته هارين کي صلاح ڏني وئي آهي ته هو موسمي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پنهنجي زرعي سرگرمين جي منصوبابندي ڪن ته جيئن امڪاني نقصان کان بچي سگهجي.











