وارهه ڀرسان نوجوان موٽر سائيڪل نه ڏيڻ تي خودڪشي ڪري ڇڏي

لاڙڪاڻو-07 جون (اي پي پي) وارهه ڀرسان ڳوٺ عطا محمد کٽياڻ ۾ 16 سالن جي نوجوان سڌير پٽ منظور احمد کٽياڻ پيءُ پاران موٽرسائيڪل نه ڏيڻ تي مبينه طور زهريلي دوا پي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي وارثن بيھوشي واري حالت ۾ چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ آندو، جتي ڊاڪٽرن پاران نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي. ان موقعي تي مبينه خودڪشي ڪندڙ نوجوان جي …

لاڙڪاڻو-07 جون (اي پي پي) وارهه ڀرسان ڳوٺ عطا محمد کٽياڻ ۾ 16 سالن جي نوجوان سڌير پٽ منظور احمد کٽياڻ پيءُ پاران موٽرسائيڪل نه ڏيڻ تي مبينه طور زهريلي دوا پي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي وارثن بيھوشي واري حالت ۾ چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ آندو، جتي ڊاڪٽرن پاران نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي. ان موقعي تي مبينه خودڪشي ڪندڙ نوجوان جي وارثن صحافين کي ٻڌايو ته اسان جي نوجوان پنهنجي والد منظور احمد کٽياڻ کان موٽرسائيڪل گهري جيڪا نه ڏيڻ تي هن ڪاوڙجي زهريلي دوا پي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي اسان چانڊڪا اسپتال آندو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. هوڏانهن مبينه خودڪشي ڪندڙ نوجوان جو لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

مزید خبریں