ايشيا ڪپ انڊر -18 هاڪي: پاڪستان ملائيشيا کي 0-3 تان شڪست ڏئي ٽامي جو تمغو کٽي ورتو

اسلام آباد-06 جون (اي پي پي)ايشين هاڪي فيڊريشن جي انتظام هيٺ جاپان جي شهر ڪاڪامي گاهارا ۾ کيڏيل انڊر -18 ايشيا ڪپ 2026ع جي ٽئين پوزيشن جي ميچ ۾ پاڪستان ملائيشيا کي 0-3 تان شڪست ڏئي ٽامي جو تمغو کٽي ورتو. جاري ڪيل تفصيل موجب پاڪستان طرفان عزيز احمد ميچ جي شروعاتي لمحن ۾ پنالٽي ڪارنر تي گول ڪري ٽيم کي برتري ڏياري.  ٻي ڪوارٽر ۾ عاصم حيدر 23 هين …

اسلام آباد-06 جون (اي پي پي)ايشين هاڪي فيڊريشن جي انتظام هيٺ جاپان جي شهر ڪاڪامي گاهارا ۾ کيڏيل انڊر -18 ايشيا ڪپ 2026ع جي ٽئين پوزيشن جي ميچ ۾ پاڪستان ملائيشيا کي 0-3 تان شڪست ڏئي ٽامي جو تمغو کٽي ورتو. جاري ڪيل تفصيل موجب پاڪستان طرفان عزيز احمد ميچ جي شروعاتي لمحن ۾ پنالٽي ڪارنر تي گول ڪري ٽيم کي برتري ڏياري.  ٻي ڪوارٽر ۾ عاصم حيدر 23 هين منٽ ۾ پنالٽي اسٽروڪ تي گول اسڪور ڪري پاڪستان جي برتري کي وڌائي ڇڏيو. بعد ۾ ميچ جي پڄاڻي وارن لمحن ۾ عديل جي ٽئين گول سان پاڪستان ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. ملائيشيا جي ٽيم پوري ميچ ۾ پاڪستاني دفاع کي ٽوڙڻ ۾ ناڪام رهي ۽ مقرر وقت تائين ڪو به گول نه ڪري سگهي ۽ پاڪستان 0-3 سان ڪاميابي حاصل ڪندي ٽورنامينٽ ۾ ٽئين پوزيشن حاصل ڪري ورتي. ان موقعي تي پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي صدر محي الدين احمد واني قومي انڊر -18 هاڪي ٽيم کي شاندار ڪارڪردگي ۽ ايشيا ڪپ ۾ ٽئين پوزيشن  حاصل ڪرڻ تي مباڪون ڏنيون. هن اميد ظاهر ڪئي ته نوجوان رانديگر مستقبل ۾ به پاڪستان جو نالو عالمي سطح تي روشن ڪندا رهندا.