ڪراچي-05 جون(اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ماحوليات جو عالمي ڏينهن اسان کي ڌرتي، ماحول ۽ ايندڙ نسلن جي تحفظ بابت پنهنجي گڏيل ذميوارين جي ياد ڏياري ٿو. هن چيو ته موسمياتي تبديليون هاڻي مستقبل جو نه پر موجوده دور جو سڀ کان وڏو چئلينج بڻجي چڪيون آهيون.وڏي وزير چيو ته سخت گرمي، غير معمولي …
ماحوليات جو عالمي ڏينهن اسان کي ڌرتي، ماحول ۽ ايندڙ نسلن جي تحفظ بابت پنهنجي گڏيل ذميوارين جي ياد ڏياري ٿو: سيد مراد علي شاهه

مزید خبریں
ڪراچي-05 جون(اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ماحوليات جو عالمي ڏينهن اسان کي ڌرتي، ماحول ۽ ايندڙ نسلن جي تحفظ بابت پنهنجي گڏيل ذميوارين جي ياد ڏياري ٿو. هن چيو ته موسمياتي تبديليون هاڻي مستقبل جو نه پر موجوده دور جو سڀ کان وڏو چئلينج بڻجي چڪيون آهيون.وڏي وزير چيو ته سخت گرمي، غير معمولي برساتن، ٻوڏن، سامونڊي ڪٽاءُ ۽ گدلاڻ ماحول کي درپيش خطرن جون واضح نشانيون آهن. هن زور ڀريو ته ماحول دوست پاليسين، وڻڪاري، صاف توانائي ۽گدلاڻ جي خاتمي لاءِ گڏيل قدم کڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ماحولياتي تحفظ، تجديد جوڳي توانائي ۽ گرين منصوبن جي واڌاري لاءِ عملي طور تي قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته پلاسٽڪ جي گدلاڻ، فضائي گدلاڻ ۽ ماحولياتي تباهي خلاف هر فرد کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.هن وڌيڪ چيو ته نوجوان نسل ماحول جي تحفظ لاءِ سڀ کان وڏي اميد آهي ۽ سندن شموليت سان مثبت تبديلي آڻي سگهجي ٿي. وڏي وزير چيو ته اڃا به وقت آهي ته اسان پنهنجي ڌرتي کي محفوظ بڻائڻ لاءِ عملي قدم کڻون، جڏهن ته موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوششون اڻٽر آهن.سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت "قدرت کان سکون، ماحول ۽ بهتر مستقبل لاءِ ڪم ڪريون” واري ويزن تي عمل ڪري رهي آهي. هن چيو ته وڻن جو تحفظ، وڻڪاري ۽ قدرتي وسيلن جو دانشمنداڻو استعمال محفوظ مستقبل جي ضمانت آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ موسمياتي تبديلين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ علائقن مان هڪ آهي، تنهن ڪري ماحول دوست ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته ماحول جي تحفظ ۽ ڪاربن جي اخراج ۾ گهٽتائي لاءِ سڀني کي گڏيل ذميواري ادا ڪرڻي پوندي.وڏي وزير چيو ته صاف، سرسبز ۽ پائيدار سنڌ جو قيام حڪومت جي ويزن جو اهم حصو آهي. ماحولياتي تحفظ صرف حڪومت جي ذميواري نه پر هر شهري جو قومي ۽ اخلاقي فرض پڻ آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته سنڌ حڪومت موسمياتي ۽ ماحول دوست منصوبن تي وڌيڪ ڪم جاري رکندي.آخر ۾ وڏي وزير صوبي جي عوام کي اپيل ڪئي ته گڏجي پنهنجي ڌرتي، ماحول ۽ ايندڙ نسلن جي بهتر مستقبل لاءِ عهد ڪن.











