سنڌ جي وڏي وزير ڪراچي ۾ ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر سان ورچوئل جائزي واري اجلاس جي صدارت ڪئي

ڪراچي-04 جون (اي پي پي)  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر بولورما امگابازار سان ورچوئل جائزي واري اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج سروسز امپروومينٽ پراجيڪٽ تي ٿيندڙ اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. وڏي وزير جي ترجمان موجب اجلاس دوران وڏي وزير ۽ ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر، ڪي ڊبليو ايس ايس آءِ پي ون جي …

ڪراچي-04 جون (اي پي پي)  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر بولورما امگابازار سان ورچوئل جائزي واري اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج سروسز امپروومينٽ پراجيڪٽ تي ٿيندڙ اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. وڏي وزير جي ترجمان موجب اجلاس دوران وڏي وزير ۽ ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر، ڪي ڊبليو ايس ايس آءِ پي ون جي لاڳو ڪرڻ ۽ ڪي فور آگمينٽيشن پراجيڪٽ ۾ پيش رفت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. واٽر بورڊ جي آفيسرن اجلاس کي آگاهه ڪيو ته ڪلورينيشن سهولتن جي توسيع ۽ پاڻي جي معيار جي نگراني واري نظام ۾ بهتري ذريعي لڳ ڀڳ 20 لک ماڻهن کي محفوظ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي جي هدف تي تيزي سان ڪم جاري آهي.ان موقعي تي سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي جو پاڻي ۽ نيڪال جو ڍانچو صوبي کي درپيش اهم عوامي خدمتن وارن چئلينجن مان هڪ آهي. هن چيو ته حڪومت ڪي ڊبليو ايس ايس آءِ پي تحت سمورن سڌارن ۽ ترقياتي منصوبن کي شفاف ۽ مقرر وقت اندر مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.وڏي وزير زور ڀريندي چيو ته پاڻي جي فراهمي، گندي پاڻي جي نيڪال جي خدمتن ۽ ادارتي ڪارڪردگي ۾ بهتري سندس حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته مقصد رڳو انفراسٽرڪچر تعمير ڪرڻ نه، پر هڪ جديد، مؤثر ۽ مالي طور مستحڪم واٽر يوٽيلٽي جو قيام آهي، جيڪا ڪراچي جي شهرين کي معياري خدمتون فراهم ڪري سگهي.اجلاس ۾ ڪي فور آگمينٽيشن پراجيڪٽ جي 2.7 ڪلوميٽر ڊگهي گڏيل ڪوريڊور حصي تي ٿيندڙ ڪم جو پڻ جائزو ورتو ويو. واٽر بورڊ جي عملدارن ٻڌايو ته 72 انچ ۽ 96 انچ قطر وارين پائيپ لائينن تي ڪم جاري آهي ۽ منصوبي جي مڪمل ٿيڻ جي اميد آگسٽ 2026ع تائين آهي.ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر سنڌ حڪومت جي ڪراچي جي آبي شعبي ۾ سڌارن لاءِ عزم کي ساراهيندي منصوبي جي اهم هدفن تي ٿيندڙ اڳڀرائي کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو.اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ڪسٽمر سروس سينٽرن، صبا نگر ۾ بحالي جي ڪم، ميٽرنگ قدمن ۽ ٻين ڪيترين ئي آپريشنل سهولتن جي تڪميل آخري مرحلن ۾ آهي.ڀرتين ۽ ادارتي مضبوطي بابت قدمن جو جائزو وٺندي وڏي وزير عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهم فني ۽ انتظامي عملي جي ڀرتي جو عمل تيز ڪيو وڃي ۽ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي بورڊ ۾ ميمبرن جي شموليت جو عمل جلد مڪمل ڪيو وڃي.اجلاس جي پڄاڻي تي سيد مراد علي شاهه ڪراچي جي پاڻي ۽ گندي پاڻيءَ جي نيڪال واري شعبي ۾ مسلسل سيڙپڪاري، بهتر حڪمراني ۽ ترقياتي ڀائيوارن سان سهڪار ذريعي جامع تبديلي آڻڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي عزم کي ورجايو.اجلاس ۾ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ نجم احمد شاهه، سيڪريٽري بلديات وسيم شمشاد، ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر احمد صديقي، پراجيڪٽ ڊائريڪٽر عائشه حميد ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں