لاڙڪاڻو-04 جون (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس مختلف هنڌن تي ڪامياب ڪارروائيون ڪندي روپوش ۽ گھربل (12) ڏوهارين کي چرس، گٽڪو، شراب، ڦر ٿيل لوڊر رڪشو، هڪڙي ڦر ٿيل موٽر سائيڪل ۽ هڪڙو موبائل فون سميت گرفتار ڪري ورتو. ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد مان منشيات فروش جوابدار اعجاز گاڏهي هڪ ڪلو 20 گرام چرس سميت يونيورسٽي ٿاڻي جي حد مان ڊرگ ڊيلر جوابدار صدام حسين گاڏهي هڪ ڪلو 20 گرام …
لاڙڪاڻي پوليس جون ڪارروايون، 12 روپوش گهربل جوابدار گرفتار، چرس، گٽڪو، شراب ۽ ٻيو سامان هٿ

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-04 جون (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس مختلف هنڌن تي ڪامياب ڪارروائيون ڪندي روپوش ۽ گھربل (12) ڏوهارين کي چرس، گٽڪو، شراب، ڦر ٿيل لوڊر رڪشو، هڪڙي ڦر ٿيل موٽر سائيڪل ۽ هڪڙو موبائل فون سميت گرفتار ڪري ورتو. ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد مان منشيات فروش جوابدار اعجاز گاڏهي هڪ ڪلو 20 گرام چرس سميت يونيورسٽي ٿاڻي جي حد مان ڊرگ ڊيلر جوابدار صدام حسين گاڏهي هڪ ڪلو 20 گرام چرس سميت. مارڪيٽ ٿاڻي جي حد مان ساجد ڪلهوڙو نالي ڳٽڪو وڪڻندڙ جوابدار ڳٽڪن سميت. وليد ٿاڻي جي حد مان ياسر اوڍاڻو نالي ڳٽڪو وڪڻندڙ جوابدار ڳٽڪن سميت. تعلقي ٿاڻي جي حد مان روپوش جوابدار نصير چانڊيو. سول لائينز ٿاڻي جي حد مان وحيد، هاشم، عمران، عزير ۽ عبدالجبار نالي پنج جوابدار شراب سميت مارڪيٽ ٿاڻي جي حد مان مير نجف جتوئي نالي جوابدار شراب سميت الله آباد ٿاڻي جي حد مان رحمت ميمڻ نالي جوابدار شراب سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. سيهڙ پوليس ڦر ٿيل لوڊر رڪشو ھٿ ڪري اصل مالڪ فهد حسين حوالي ڪري ڇڏيو. ويهڙ پوليس ڦر ٿيل موٽر سائيڪل ھٿ ڪري اصل مالڪ شهري محمد مٺل جوڻيجو حوالي ڪري ڇڏي. باقراڻي پوليس ڦر ٿيل قيمتي موبائل فون ھٿ ڪري اصل مالڪ شهري صدام حسين شاهه حوالي ڪري ڇڏي.











