حيدرآباد-04 جون(اي پي پي) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن، قانون، پارلياماني معاملن ۽ ڪرمنل پراسيڪيوشن کاتي ۾ ڊپٽي ڊسٽرڪٽ اٽارني (بي پي ايس-18) جي ڀرتين لاءِ حتمي نتيجن جو اعلان ڪيو ويو آهي.اطلاعات کاتي حيدرآباد پاران جاري ڪيل خبر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايس پي ايس سي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، ڄاڻايل پوسٽن جو اعلان اشتھار نمبر 06/2025 تحت ڪيو ويو هو، جنھن ۾ گھربل تعيلم رکندڙ اميدوارن درخواستون جمع ڪرايون. ڄاڻايل پوسٽن لاءِ …
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن، قانون، پارلياماني معاملن ۽ ڪرمنل پراسيڪيوشن کاتي ۾ ڊپٽي ڊسٽرڪٽ اٽارني (بي پي ايس-18) جي ڀرتين لاءِ حتمي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو

مزید خبریں
حيدرآباد-04 جون(اي پي پي) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن، قانون، پارلياماني معاملن ۽ ڪرمنل پراسيڪيوشن کاتي ۾ ڊپٽي ڊسٽرڪٽ اٽارني (بي پي ايس-18) جي ڀرتين لاءِ حتمي نتيجن جو اعلان ڪيو ويو آهي.اطلاعات کاتي حيدرآباد پاران جاري ڪيل خبر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايس پي ايس سي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، ڄاڻايل پوسٽن جو اعلان اشتھار نمبر 06/2025 تحت ڪيو ويو هو، جنھن ۾ گھربل تعيلم رکندڙ اميدوارن درخواستون جمع ڪرايون. ڄاڻايل پوسٽن لاءِ لکت وارو امتحان مارچ 2026 ۾ منعقد ٿيو، جڏهن ته ان جا نتيجا اپريل 2026 ۾ جاري ڪيا ويا، جن ۾ مجموعي طور 72 اميدوار ڪامياب قرار ڏنا ويا، جن مان 65 اوپن ميرٽ ۽ 7 فيميل ڪوٽا تحت شامل هئا.لکت واري امتحان ۾ ڪامياب اميدوارن جا انٽرويوز اپريل مهيني دوران ورتا ويا، جنھن جا حتمي نتيجا جاري ڪندي ڪامياب اميدوارن جون سفارشون لاڳاپيل کاتي ڏانهن اماڻيون ويون آهن. نتيجن موجب غلام حسين فيصل پهرين، مهڪ شاهد ٻئين ۽ اويس عزيز ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي. پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪامياب اميدوارن جا مڪمل تفصيل ايس پي ايس سي جي ويب سائيٽ تي پڻ جاري ڪيا ويا آهن، جن ۾ لکت ۽ زباني امتحان جا حاصل ڪيل مارڪس پڻ شامل آهن. ڪووٽا جي ورڇ موجب، 9 اميدوار رورل، 6 اربن ۽ 2 فيميل ڪوٽا تحت ڪامياب قرار ڏنا ويا آهن.ايس پي ايس سي واضح ڪيو آهي ته چونڊ جي عمل دوران سنڌ ۾ لاڳو آئيني ۽ قانوني ڪوٽا پاليسين تي مڪمل طور عملدرآمد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مقرريءَ جي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ سفارشون سنڌ حڪومت جي لاڳاپيل کاتي ڏانهن موڪليون ويون آهن.










