مسلم ليگ(ن) تعمير ۽ ترقي، معاشي استحڪام ۽ عوامي خدمت جي مستقل روايت آهي: ڊاڪٽر فضل چوڌري

اسلام آباد-04 جون(اي پي پي) پارليماني معاملن جي وفاقي وزير ڊاڪٽر فضل چوڌري چيو آهي ته مسلم ليگ(ن) تعمير ۽ ترقي، معاشي استحڪام ۽ عوامي خدمت جي مستقل روايت آهي. سماجي رابطن واري ويب سائٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ماضي گواه آهي ته جڏهن به قيادت کي موقعو مليو عوام کي سفري ڏکيائين، بجلي جي لوڊشيڊنگ،صحت ۽ تعليم جي حوالي سان  لڳاپيل بنيادي مسئلن کان …

اسلام آباد-04 جون(اي پي پي) پارليماني معاملن جي وفاقي وزير ڊاڪٽر فضل چوڌري چيو آهي ته مسلم ليگ(ن) تعمير ۽ ترقي، معاشي استحڪام ۽ عوامي خدمت جي مستقل روايت آهي. سماجي رابطن واري ويب سائٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ماضي گواه آهي ته جڏهن به قيادت کي موقعو مليو عوام کي سفري ڏکيائين، بجلي جي لوڊشيڊنگ،صحت ۽ تعليم جي حوالي سان  لڳاپيل بنيادي مسئلن کان نجات ڏياري. گلگلت بلتستان ۾ عوامي منصوبا ان ڳالهه جو ثبوت آهن جيڪڏهن عوامي خدمت جي ان سفر ۾ سياسي رڪاوٽن نه آنديون وڃن ته اها پارٽي پاڪستان کي دنيا جي نمايان ترين ۽ اسريل ملڪن جي صف ۾ آڻڻ جي صلاحيت رکي ٿي.

مزید خبریں