پوليو جي خاتمي بابت قومي ٽاسڪ فورس جو اهم اجلاس، پوليو جي خاتمي جي مهم جي باقاعده شروعات جو اعلان

اسلام آباد- 19 سيپٽمبر (اي پي پي) پوليو جي خاتمي بابت قومي ٽاسڪ فورس جي اهم اجلاس ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم جي باقاعده شروعات جو اعلان ڪيو ويو آهي. تقريب ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، پوليو پروگرام جي فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق ۽ نجي شعبي جي نمائندن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته گذريل سال پوليو جي 30 کان …

اسلام آباد- 19 سيپٽمبر (اي پي پي) پوليو جي خاتمي بابت قومي ٽاسڪ فورس جي اهم اجلاس ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم جي باقاعده شروعات جو اعلان ڪيو ويو آهي. تقريب ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، پوليو پروگرام جي فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق ۽ نجي شعبي جي نمائندن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته گذريل سال پوليو جي 30 کان گهٽ ڪيسن جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سال ڪيسن جو انگ 4 رهجي ويو آهي. هن چيو ته هڪ ٻار جو پوليو جو شڪار ٿيڻ بين ٻارن ۾ بيماري جي ڦهلاءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. هن چيو ته جڏهن ڪو ٻار پوليو جو شڪار ٿئي ٿو ته ان جي سڄي زندگي جا خواب متاثر ٿين ٿا. هن والدين تي زور ڀريو ته پوليو ورڪرز جي دروازي تي اچڻ کي نظر انداز نه ڪيو وڃي. هن چيو ته حڪومت يونيورسٽين جي 10 لک نوجوانن کي صحت ۽ معاشرتي آگاهي مهم لاءِ متحرڪ ڪري رهي آهي. وفاقي وزير پوليو مهم ۾ نجي شعبي، صوبائي حڪومتن ۽ ورڪرز جي خدمتن کي تعريف جوڳو قرار ڏنو.