پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ سيريز جي فيصلائتي ۽ آخري ميچ (اڄ) جمعي 05 جون تي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي

لاهور-04 جون(اي پي پي) پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ 3 ڏينهن واري ون ڊي سيريز جي فيصلائتي ۽ آخري ميچ (اڄ) جمعي 05 جون تي لاهور قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. ٻئي ٽيمون سيريز ۾ 1-1 جي برابري کان پوءِ ميدان ۾ لهنديون. پاڪستاني اسڪواڊ ۾ بابر اعظم، سلمان آغا، حارث رئوف، نسيم شاهه، شاداب خان، ابرار احمد ۽ ٻيا اهم رانديگر شامل آهن، جڏهن ته آسٽريلوي ٽيم جي اڳواڻي …

لاهور-04 جون(اي پي پي) پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ 3 ڏينهن واري ون ڊي سيريز جي فيصلائتي ۽ آخري ميچ (اڄ) جمعي 05 جون تي لاهور قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. ٻئي ٽيمون سيريز ۾ 1-1 جي برابري کان پوءِ ميدان ۾ لهنديون. پاڪستاني اسڪواڊ ۾ بابر اعظم، سلمان آغا، حارث رئوف، نسيم شاهه، شاداب خان، ابرار احمد ۽ ٻيا اهم رانديگر شامل آهن، جڏهن ته آسٽريلوي ٽيم جي اڳواڻي جوش انگلش ڪندو. مهمان ٽيم ۾ اليڪس ڪيري، ڪيمرون گرين، ميٽ رينشا، مارنس لبوشين، ايڊم ريمپا ۽ نٿين ايلس جهڙا باصلاحيت رانديگر موجود آهن جيڪي ڪنهن به وقت ميچ جو رخ تبديل  ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. ميچ دوران موسم صاف ۽ گرم رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي جڏهن ته برسات جو ڪو به امڪان نه آهي.

مزید خبریں