سنڌ صوبي ۾ تازين برساتن ۽ طوفاني هوائن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصانن بابت رپورٽ جاري

ڪراچي-04جون( اي پي پي) پروونشل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي پي ڊي ايم اي سنڌ صوبي ۾ تازين برساتن ۽ طوفاني هوائن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصانن بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. پي ڊي ايم اي سنڌ جي ڊائريڪٽر جنرل سلمان شاهه موجب مختلف ضلعن ۾ برساتن، گجگوڙ ۽ وڄ ڪرڻ جي واقعن سبب هن وقت  تائين 16 ڄڻا فوت ۽ 96 زخمي ٿيا آهن.رپورٽ موجب شهيد بينظير آباد ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ جاني نقصان …

ڪراچي-04جون( اي پي پي) پروونشل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي پي ڊي ايم اي سنڌ صوبي ۾ تازين برساتن ۽ طوفاني هوائن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصانن بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. پي ڊي ايم اي سنڌ جي ڊائريڪٽر جنرل سلمان شاهه موجب مختلف ضلعن ۾ برساتن، گجگوڙ ۽ وڄ ڪرڻ جي واقعن سبب هن وقت  تائين 16 ڄڻا فوت ۽ 96 زخمي ٿيا آهن.رپورٽ موجب شهيد بينظير آباد ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ جاني نقصان ٿيو، جتي 6 مرد ۽ 4 عورتون فوت ٿيون آهن، جڏهن ته 32 ڄڻا زخمي ٿيا آهن.سلمان شاهه ٻڌايو ته ڪشمور ضلعي ۾ 2 مرد ۽ هڪ عورت فوت ٿيا ۽ 9 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. گهوٽڪي ضلعي ۾ هڪ عورت جي فوت ٿيڻ ۽ 54 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ٿرپارڪر ۾ وڄ ڪرڻ جي واقعي ۾ هڪ عورت فوت ٿي وئي، جڏهن ته قمبر ضلعي ۾ به برسات ۽ گجگوڙ دوران هڪ عورت حياتي وڃائي ويٺي. ڊي جي پي ڊي ايم اي موجب متاثر ضلعن ۾ ريسڪيو ۽ امدادي سرگرميون جاري آهن ۽ صورتحال تي ويجهي نظر رکي پئي وڃي. هن چيو ته لاڳاپيل ضلعي انتظاميا ۽ امدادي ادارا متاثر علائقن جو مسلسل جائزو وٺي رهيا آهن ته جئين ماڻهن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪري سگهجي. سلمان شاهه وڌيڪ چيو ته ضلعي ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽيز کي هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور الرٽ رهڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ڪنهن به امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ  تياريون مڪمل  آهن.

مزید خبریں