اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان مسيحي برادري جي نمائنده وفد ملاقات ڪئي ۽ اقليتن جي حقن، قانوني سڌارن ۽ مسيحي برادري جي ڀلائي بابت معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفد اقليتي برادرين جي حقن جي تحفظ جي لاءِ حڪومت جي مسلسل …
اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان مسيحي برادري جي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان مسيحي برادري جي نمائنده وفد ملاقات ڪئي ۽ اقليتن جي حقن، قانوني سڌارن ۽ مسيحي برادري جي ڀلائي بابت معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفد اقليتي برادرين جي حقن جي تحفظ جي لاءِ حڪومت جي مسلسل عزم کي ساراهيندي تازي قانونسازي خاص طور تي چائيلڊ ميرج ريسٽرينٽ ايڪٽ جي آجيان ڪئي. وفد اقليتي حقن بابت قومي ڪميشن جي ذريعي اقليتن جي تحفظ ۽ برابر موقعن جي فروغ جي حوالي سان حڪومت جي ڪوششن کي ساراهه جوڳو قرار ڏنو. ملاقات ۾ اقليتي برادري کي درپيش مسئلن جي حل ۽ لاڳاپيل قانونن ۽ پاليسين جي ذريعي مسيحي برادري جي ضرورتن جو موثر انداز ۾ احاطو ڪرڻ جهڙن معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، ملاقات ۾ پيش ڪيل سفارشن جو جائزو وٺڻ ۽ مسيحي پرسنل لاز سميت ٻين معاملن جي حل لاءِ موثر طريقيڪار جوڙڻ جي لاءِ وڌيڪ مشاورت جو عمل جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير اقليتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته اقليتي برادرين جي نمائندن سان مشاورت قانونسازي ۽ عوامي پاليسين ۾ سمورن شهرين جي راءِ ۽ ضرورتن جي موثر لاڳو کي يقيني بڻائي ٿي. هن چيو ته حڪومت بين المذاهب هم آهنگي، برابر شهريت ۽ هڪ اهڙي جامع معاشري جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهي جتي هر پاڪستاني بنا ڪنهن فرق جي قومي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي. قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير جامع قانوني ۽ پاليسي سڌارن جي فروغ جي لاءِ مشاورتي عمل کي اهميت رکندڙ قرار ڏنو. هن چيو ته حڪومت پاڪستان جي آئين موجب سمورن شهرين کي برابر حقن ۽ هڪ جهڙن موقعن جي فراهمي جي لاءِ پرعزم آهي.










