وزيراعظم شهباز شريف پاران ڊينمارڪ جي وزيراعظم ميٽي فريڊرڪسن کي مسلسل ٽيون ڀيرو وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪون

اسلام آباد - 03 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊينمارڪ جي وزيراعظم ميٽي فريڊرڪسن کي مسلسل ٽيون ڀيرو وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي وچ ۾ پراڻي دوستي ۽ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ نئين چونڊيل وزيراعظم سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته …

اسلام آباد – 03 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊينمارڪ جي وزيراعظم ميٽي فريڊرڪسن کي مسلسل ٽيون ڀيرو وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي وچ ۾ پراڻي دوستي ۽ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ نئين چونڊيل وزيراعظم سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته ٻئي ملڪ امن، پائيدار ترقي ۽ عالمي تعاون جي لاءِ گڏيل عزم رکن ٿا. وزيراعظم ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام جي گڏيل خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ ميٽي فريڊرڪسن جي قيادت ۾ پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.






مزید خبریں