اسلام آباد - 03 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان گڏ پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيئر قيادت سان ايندڙ وفاقي بجيٽ جي حوالي سان معمول جي بجيٽ کان اڳ مشاورت جي سلسلي ۾ ملاقات ڪئي. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ هلندڙ خرچن ۽ ترقياتي خرچن جي ترجيحن، خاص طور تي پبلڪ سيڪٽر …
نائب وزيراعظم جي ناڻي واري وفاقي وزير سان گڏ پيپلزپارٽي جي سينيئر قيادت سان بجيٽ کان اڳ مشاورتي ملاقات
اسلام آباد – 03 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان گڏ پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيئر قيادت سان ايندڙ وفاقي بجيٽ جي حوالي سان معمول جي بجيٽ کان اڳ مشاورت جي سلسلي ۾ ملاقات ڪئي. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ هلندڙ خرچن ۽ ترقياتي خرچن جي ترجيحن، خاص طور تي پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) کانسواءِ مالياتي استحڪام، عوامي ڀلائي جي قدمن، ترقياتي منصوبن ۽ 2027 – 2026ع جي لاءِ جامع اقتصادي ترقي سميت وسيع تر معاشي ترجيحن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ متفقه طور تي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي اها سفارش موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته مالياتي سال 2027 – 2026ع جي بجيٽ اربع 10 جون 2026ع تي پيش ڪئي وڃي. ملاقات ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، قومي اسيمبلي ميمبر سيد نويد قمر، سينيٽر شيري رحمان، سينيٽر سليم مانڊوي والا، سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو، ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، ناڻي واري وفاقي سيڪريٽري امداد الله بوسال، ايف بي آر چيئرمين راشد محمود لنگڙيال ۽ لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جي ٻين سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.











