اسلام آباد- 03 جون (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال سان پيپلز وائس بابت ورلڊ بئنڪ گروپ جي نائب صدر ممتا مرٿي هڪ اعليٰ سحي وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. وفد ۾ ورلڊ بئنڪ جا سينيئر عملدار، پاڪستان جي ڪنٽري ڊائريڪٽر، علائقائي نمائندن ۽ صحت جي شعبي جا ماهر شامل هئا. ملاقات ۾ پاڪستان جي صحت جي نظام کي درپيش چئلينجز، ان جي اثرائتي حل، …
قومي صحت واري وفاقي وزير سان ورلڊ بئنڪ گروپ جي نائب صدر جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 03 جون (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال سان پيپلز وائس بابت ورلڊ بئنڪ گروپ جي نائب صدر ممتا مرٿي هڪ اعليٰ سحي وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. وفد ۾ ورلڊ بئنڪ جا سينيئر عملدار، پاڪستان جي ڪنٽري ڊائريڪٽر، علائقائي نمائندن ۽ صحت جي شعبي جا ماهر شامل هئا. ملاقات ۾ پاڪستان جي صحت جي نظام کي درپيش چئلينجز، ان جي اثرائتي حل، بنيادي صحت جي سهولتن، ماءُ ۽ ٻار جي صحت کي هٿي وٺرائڻ، غذائي کوٽ ۽ ٻارن ۾ واڌ ويجهه جي رڪاوٽ (اسٽنٽنگ) تي ضابطو آڻڻ لاءِ جاري قدمن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان صحت جي شعبي ۾ جاري مختلف پروگرامن جو به جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير، وفد کي صحت جي شعبي ۾ درپيش چئلينجز، حڪومت جي جاري قدمن ۽ مستقبل جي ترجيحن کان آگاهه ڪندي چيو ته حڪومت موجوده هيلٿ ڪيئر سسٽم کي حقيقي معنائن ۾ هڪ اثرائتي ۽ عوام دوست صحت جي نظام ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن چيو ته پرائمري هيلٿ ڪيئر نظام کي ٽيلي ميڊيسن ذريعي مضبوط بڻايو پيو وڃي، ته جيئن ڏورانهن علائقن ۾ به معياري طبي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته وڏين اسپتالن ۾ دٻاءُ گهٽ ڪرڻ لاءِ هڪ اثرائتو ريفرل سسٽم متعارف ڪرايو پيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته سندس پهرين ترجيح ماڻهن کي بيمارين کان محفوظ رکڻ آهي ۽ ان ئي مقصد تحت صحت جي احتياطي قدمن تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته 2030ع کان اڳ پاڪستان ۾ مقامي سطح تي ويڪسين جي پيداوار اڻٽر آهي ۽ ان حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿي چڪي آهي. وفاقي وزير ٻُڌايو ته 13 مختلف بيمارين جي ويسيڪن جي مقامي تياريءَ لاءِ انڊونيشيا سان معاهدن تي اڳڀرائي جاري آهي. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ جامع قومي ويڪسين پاليسي جوڙي وئي آهي، جيڪا ملڪ ۾ ويڪسين جي تياري ۽ دستيابيءَ کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. ورلڊ بئنڪ جي وفد وفاقي وزير جي ويزن ۽ صحت جي شعبي ۾ جاري سڌارن وارن قدمن کي ساراهيندي پاڪستان جي صحت جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ سهڪار جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ممتا مرٿي وفاقي وزير کي ڊسمبر 2026ع ۾ منعقد ٿيندڙ يونيورسل هيلٿ ڪوريج فورم ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. هن چيو ته ورلڊ بئنڪ پاڪستان جي صحت جي نظام کي مضبوط بنائڻ، بنيادي صحت جي سهولتن کي هٿي وٺرائڻ ۽ عوامي صحت جي شعبي ۾ سهڪار جاري رکندي.










