اسلام آباد- 03 جون (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته پاڪستان جو سامونڊي شعبو بندرگاهن، لاجسٽڪس، بليو اڪانومي منصوبن ۽ لاڳاپيل انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاريءَ جا وڏا موقعا فراهم ڪري ٿو، جڏهن ته ملڪ جو اسٽريٽجڪ مقام ۽ عوامي رابطن ۾ واڌ انهن سيڙپڪارن لاءِ وڌيڪ پُرڪشش بڻائين ٿا. وزارت مان جاري پريس رليز موجب اهڙو اظهار وفاقي وزير پاڪستان - سعودي …
پاڪستان جي سامونڊي شعبي ۾ سعودي سيڙپڪارن لاءِ وڏا موقعا موجود آهن: محمد جنيد انوار چوڌري
اسلام آباد- 03 جون (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته پاڪستان جو سامونڊي شعبو بندرگاهن، لاجسٽڪس، بليو اڪانومي منصوبن ۽ لاڳاپيل انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاريءَ جا وڏا موقعا فراهم ڪري ٿو، جڏهن ته ملڪ جو اسٽريٽجڪ مقام ۽ عوامي رابطن ۾ واڌ انهن سيڙپڪارن لاءِ وڌيڪ پُرڪشش بڻائين ٿا. وزارت مان جاري پريس رليز موجب اهڙو اظهار وفاقي وزير پاڪستان – سعودي عرب گڏيل بزنس ڪائونسل (جي بي سي) جي چيئرمين منصور بن محمد السعود ۽ ٻين شرڪت ڪندڙن سان ٿيل آن لائن اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي سامونڊي شعبي ۾ خاص ڪري بندرگاهن، لاجسٽڪس، بليو اڪانومي ۽ معاون انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ جي ڀرپور گنجائش موجود آهي. هن چيو ته سعودي عرب جي ويزن 2030ع ۽ پاڪستان جي ترقياتي ترجيحن جي روشنيءَ ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار جا وڏا امڪان موجود آهن. وفاقي وزير پاڪستان ۽ سعودي عرب جي پُراڻن ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ شعبن ۾ ڀائيواري مسلسل مضبوط ٿي رهي آهي. اجلاس ۾ ملڪ جي سمورين وڏين بندرگاهن جي چيئرمين، پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر، ڪورنگي فش هاربر اٿارٽي جي ايم ڊي، اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيليٽيشن ڪائونسل جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ڪراچي پورٽ، پورٽ قاسم، گوادر پورٽ ۽ پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن ۾ سيڙپڪاريءَ جي موقعن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير چيو ته سعودي سيڙپڪار ڪراچي پورٽ ٽرسٽ تحت ڄاڻايل ميري ٽائم بزنس ڊسٽرڪٽ، ميرين ورڪشاپ رٿائن ۽ منوڙه ۾ ڊراءِ ڊاڪ ۽ فلوٽنگ ڊاڪ سهولت ۾ سيڙپڪاريءَ جي موقعن جو جائزو وٺي سگهن ٿا. هن ٻُڌايو ته پورٽ قاسم تي هڪ گهڻ مقصد ڪارگو ٽرمينلز، هڪ مربوط ۽ ٻئي آئل ٽرمينل ۽ اسٽوريج فارم جي قيام کان علاوه انرجي سٽي منصوبي ۾ به سيڙپڪاريءَ جا موقعا موجود آهن. محمد انوار چوڌري سعودي سيڙپڪارن کي پي اين ايس سي جي ٻيڙيءَ ۾ واڌ ۽ ڪورنگي فش هاربر اٿارٽيءَ ۾ اٽڪل 100 ايڪڙن تي ٻَڌل ايڪو ريسرچ اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جي قيام ۾ سيڙپڪاريءَ جي دعوت پڻ ڏني. اجلاس دوران سعودي عرب بزنس ڪائونسل کي بريفنگ ڏيندي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي چيئرمين ريئر ايڊمرل (ر) شاهد احمد 140 ايڪڙ قيمتي سامونڊي ايراضيءَ تي ٻَڌل ميري ٽائيم بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبي جي اهميت ۽ سيڙپڪاريءَ جي امڪانن تي روشني وڌي. پورٽ قاسم اٿارٽيءَ جي چيئرمين ريئر ايڊمرل (ر) سيد معظم الياس شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو ته بندرگاهه تي بلڊ، آپريٽ اينڊ ٽرانسفر (بي او ٽي) بنيادن تي هڪ مربوط ٻئي آئل ٽرمينل ۽ اسٽوريج جي قيام جو منصوبو غور هيٺ آهي.











