اسلام آباد- 03 جون (اي پي پي) ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪي پي ڪي، ڪشمير، گلگت بلتستان، اسلام آباد ۽ مٿاهين/وچ پنجاب ۾ موسم گهميل رهڻ کان علاوه تيز هوائن/طوفان ۽ گجگوڙ سان ڪٿي ڪٿي برسات جو امڪان آهي. ان دوران (ڪجهه هنڌن تي تيز برسات ۽ برفباري) جو به امڪان آهي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ، جڏهن ته بلوچستان جي ڏاکڻين ضلعن ۽ سنڌ جي …
ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪي پي ڪي، ڪشمير، گلگت بلتستان، اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ تيز هوائون هلڻ ۽ گجگوڙ سان ڪٿي ڪٿي برسات جو امڪان آهي: موسميات کاتو
اسلام آباد- 03 جون (اي پي پي) ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪي پي ڪي، ڪشمير، گلگت بلتستان، اسلام آباد ۽ مٿاهين/وچ پنجاب ۾ موسم گهميل رهڻ کان علاوه تيز هوائن/طوفان ۽ گجگوڙ سان ڪٿي ڪٿي برسات جو امڪان آهي. ان دوران (ڪجهه هنڌن تي تيز برسات ۽ برفباري) جو به امڪان آهي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ، جڏهن ته بلوچستان جي ڏاکڻين ضلعن ۽ سنڌ جي مٿاهين وارن علائقن ۾ سخت گرمي رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪي پي ڪي، سنڌ، پنجاب، ڪشمير ۽ بارکان ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگجوڙ سان برسات ٿي جڏهن ته ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ گرم رهي. اربع ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ کان وڌ گرمي پد سبي 48، دالبندين، دادو 45، بهاولپور، جيڪب آباد ۽ تربت ۾ 44 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. موسميات کاتي چيو آهي ته عربي سمنڊ جون هوائون ملڪ جي ڏاکڻين علائقن ۾ داخل ٿي رهيون آهن جڏهن ته اولهه طرف کان هوائن جو سلسلو ملڪ جي مٿاهين علائقن تي موجود آهي، جيڪو 5 جون تائين برقرار رهڻ جو امڪان آهي.











