ڪراچي- 03 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه انڊر 18 هاڪي ايشيا ڪپ ۾ بنگلاديش خلاف قومي هاڪي ٽيم جي شاندار فتح تي رانديگرن ۽ ٽيم انتظاميا کي دل جي گهراين سان مبارڪ ڏني آهي. پنهنجي پيغام ۾ وڏي وزير چيو ته هاڪي پاڪستان جي قومي راند آهي ۽ قومي ٽيم جي اها ڪاميابي سڄي قوم لاءِ خوشي جو سبب آهي. سيد مراد علي …
سنڌ جي وڏي وزير پاران انڊر 18 هاڪي ايشيا ڪپ ۾ بنگلاديش خلاف قومي هاڪي ٽيم جي شاندار فتح تي رانديگرن ۽ ٽيم انتظاميا کي دل جي گهراين سان مبارڪ
ڪراچي- 03 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه انڊر 18 هاڪي ايشيا ڪپ ۾ بنگلاديش خلاف قومي هاڪي ٽيم جي شاندار فتح تي رانديگرن ۽ ٽيم انتظاميا کي دل جي گهراين سان مبارڪ ڏني آهي. پنهنجي پيغام ۾ وڏي وزير چيو ته هاڪي پاڪستان جي قومي راند آهي ۽ قومي ٽيم جي اها ڪاميابي سڄي قوم لاءِ خوشي جو سبب آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته قومي ٽيم جي رانديگرن بهترين راند جو مظاهرو ڪندي پنهنجي صلاحيتن ۽ جذبي جو ثبوت ڏنو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته رانديگر ساڳئي لڳن، محنت ۽ جوش سان راند جاري رکندا ته قومي ٽيم فائنل ۾ به ڪاميابي حاصل ڪري ٽرافي وطن آڻڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿيندي. وڏي وزير فائنل ميچ ۾ قومي ٽيم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته سڄي قوم جون دعائون پاڪستان هاڪي ٽيم سان گڏ آهن ۽ اميد آهي ته قومي ٽيم ملڪ جو نالو روشن ڪندي.











