اسلام آباد- 03 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب عالمي بئنڪ گروپ طرفان پاڪستان سان جٽادار ۽ پائيدار سهڪار کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان جي افرادي سگهه کي تيزيءَ سان بدلجندڙ عالمي معيشت جي گهُرجن موجب تيار ڪرڻ ضروري آهي، هن انساني سيڙپ جي اهڃاڻن کي بهتر بنائڻ، افرادي قوت جي شرڪت کي مضبوط ڪرڻ ۽ بدلجندڙ ليبر مارڪيٽ جي ضرورتن موجب نوجوانن کي …
عالمي بئنڪ پاران پاڪستان سان سهڪار تعريف جوڳو، افرادي قوت کي جديد گهُرجن موجب تيار ڪرڻ ضروري آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير
اسلام آباد- 03 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب عالمي بئنڪ گروپ طرفان پاڪستان سان جٽادار ۽ پائيدار سهڪار کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان جي افرادي سگهه کي تيزيءَ سان بدلجندڙ عالمي معيشت جي گهُرجن موجب تيار ڪرڻ ضروري آهي، هن انساني سيڙپ جي اهڃاڻن کي بهتر بنائڻ، افرادي قوت جي شرڪت کي مضبوط ڪرڻ ۽ بدلجندڙ ليبر مارڪيٽ جي ضرورتن موجب نوجوانن کي هنر ۽ مهارتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن اها ڳالهه عالمي بئنڪ گروپ جي وفد سان ملاقات ۾ چئي، جنهن جي اڳواڻي انساني ترقي (صحت، تعليم ۽ سماجي تحفظ) جي نائب صدر ممتا مرٿي ڪري رهي هئي. عالمي بئنڪ جي پاڪستان ۾ ڪنٽري ڊائريڪٽر بولورما آمگابازار، انساني ترقي جي علائقائي ڊائريڪٽر ڪيڪواينوئي، هيلٿ پريڪٽس مينيجر يرين ورڪي ۽ آءِ ايف سي جي ڊائريڪٽر سائمن اينڊريو به وفد ۾ شامل هئا. ناڻي واري وزير وفد جي آجيان ڪندي عالمي بئنڪ گروپ طرفان پاڪستان سان مسلسل ڀائيواريءَ کي ساراهيو ۽ ملڪ جي ترقياتي ۽ سڌارن جي ترجيحن ۾ گروپ جي سهڪار جو اعتراف ڪيو. هن چيو ته پاڪستان معاشي استحڪام جي بحالي جي حوالي سان اهم اڳڀرائي ڪئي آهي ۽ حڪومت جو ڌيان هاڻ صحت، تعليم، مهارتن جي ترقي ۽ سماجي تحفظ ۾ هدفن تي ٻڌل سيڙپڪاريءَ ذريعي سماجي ۽ انساني ترقيءَ جا نتيجا بهتر بنائڻ تي ٻَڌل آهي. هن پاڪستان لاءِ عالمي بئنڪ جي ڊگهي مُدي واري ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ تحت پيمائش جوڳن نتيجن ۽ اثرائتي عملدرآمد تي مضبوط ڌيان برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڀريو. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان جي وڏي ۽ نوجوان آبادي هڪ اهم موقعو ۽ اهم پاليسي ترجيحي آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انساني سيڙپ جي اهڃاڻن کي بهتر بنائڻ، افرادي قوت جي شرڪت کي مضبوط ڪرڻ ۽ نوجوانن جي بدلجندڙ ليبر مارڪيٽ جي ضرورتن موجب مهارتون فراهم ڪيون وڃن. ناڻي واري وزير چيو ته پائيدار معاشي ترقي ۽ چٽاڀيٽي صلاحيتن لاءِ ماڻهن تي مسلسل سيڙپڪاريءَ سان گڏوگڏ پيداواري صلاحيت، خدمتن جي فراهمي ۽ روزگار جا موقعا بهتر بنائڻ لاءِ سڌارا پڻ اڻٽر آهن. ملاقات ۾ پاڪستان جي انساني ترقيءَ جي ايجنڊا سرفهرست رهي، جنهن ۾ ٻار ۽ ماءُ جي صحت، غذائيت، حفاظتي ٽُڪن، شروعاتي ننڍپڻ جي واڌ ويجهه، نتيجن ۽ آباديءَ بابت چئلينجز شامل هئا. ممتا مرٿي زور ڀريو ته ڊگهي مُدي واري ترقياتي نتيجن جو ڀاڙڻ انساني سرمائي جي اهم اهڃاڻن ۾ مسلسل بهتري خاص ڪري ٻارن جي غذائيت، واڌ ويجهه ۾ رڪاوٽ ۽ گهٽتائي، بنيادي تعليم جي معيار ۽ معياري صحت ۽ تعليم جي خدمتن تائين پهچ جي حوالي سان هوندو. هن چيو ته عالمي بئنڪ جي شموليت جو مقصد پيمائش جوڳن نتيجن کي حاصل ڪرڻ ۽ خدمتن جي فراهميءَ جي نظام کي مضبوط بنائڻ آهي، ته جيئن سڄي ملڪ ۾ اثرائتي انداز ۾ ماءُ ۽ ٻار تائين ضروري مداخلتون پهچي سگهن. اجلاس ۾ بنيادي صحت جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۽ ماءُ ۽ ٻارن لاءِ ضروري خدمتن تائين پهچ وڌائڻ جي امڪانن به غور ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن صحت، تعليم ۽ افرادي قوت جي ترقيءَ ۾ مصنوعي ذهانت ۽ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي وڌندڙ ڪردار تي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان جي افرادي قوت کي تيزيءَ سان بدلجندڙ معيشت جي گهُرجن موجب تيار ڪرڻ ضروري آهي. عالمي بئنڪ جي وفد ٽيڪنالاجيءَ تي ٻَڌل خدمتن جي فراهمي، صحت جي مالي معاونت ۽ نجي شعبي جي شموليت بابت عالمي تجربن کان آگاهه ڪيو. ڳالهين جو هڪ اهم حصو مهارتن جي ترقي، افرادي قوت جي تياري ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ تي ٻَڌل رهيو. ناڻي واري وزير اُڀرندڙ معاشي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ روزگار جي موقعن تائين پهچ لاءِ پاڪستان جي افرادي سگهه جي مهارتن ۾ واڌ ۽ نئين سر مهارت سازيءَ جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته خاص ڪري نوجوانن جي ملازمت جي صلاحيتن ۾ واڌ حڪومت جي وڏن معاشي تبديلين جي ايجنڊائن جو مرڪزي جُز رهندا. عالمي بئنڪ جي وفد افرادي قوت جي ترقي، فني ۽ پيشيوراڻي تربيت ۽ روزگار تي ٻَڌل مهارتي پروگرامن بابت عالمي تجربن تي ڏي وٺ ڪئي. ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته صنعتن سان مضبوط رابطا، تربيتي قدمن ۾ نجي شعبي جي وڌيڪ شموليت ۽ نتيجن تي ٻَڌل طريقيڪار ضروري آهي ته جيئن مهارتن جي ترقيءَ جا پروگرام حقيقي ليبر مارڪيٽ جي گهُرج ۽ روزگار جي موقعن موجب هم آهنگ ٿي سگهن. اجلاس ۾ حڪومت، عالمي بئنڪ گروپ ۽ نجي شعبي وچ ۾ پاڪستان جي انساني سرمائي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ تمام وڏي سهڪار جي امڪانن جو پڻ جائزو ورتو ويو. ان سلسلي ۾ ممتا مرٿي پاڪستان کي هلندڙ سال جي آخر ۾ جاپان ۾ رٿيل يونيورسل هيلٿ ڪوريج بابت عالمي فورم ۾ شرڪت جي دعوت به ڏني. هن ٻُڌايو ته هي فورم جاپان حڪومت جي سهڪار سان رٿيل هڪ گڏيل قدم آهي، جنهن کي ورلڊ بئنڪ گروپ ۽ صحت جو عالمي اداري گڏيل طور تي سهولت فراهم ڪري رهيا آهن ته جيئن يونيورسل هيلٿ ڪوريج کي حاصل ڪرڻ طرف اڳڀرائيءَ کي هٿي وٺرائي سگهجي. ناڻي واري عالمي بئنڪ گروپ جي مسلسل شموليت کي ساراهيو ۽ انساني سيڙپ کي مضبوط بنائڻ، سماجي نتيجا بهتر ڪرڻ، روزگار جي موقعن ۾ واڌ ڪرڻ، جامع ۽ پائيدار معاشي ترقيءَ جي حمايت ڪندڙ سڌارن لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڌُرين صحت، تعليم، سماجي تحفظ، افرادي قوت جي ترقي ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻَڌل خدمتن جي فراهمي جي شعبن ۾ پاڪستان جي ترجيحن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ گڏيل سهڪار جاري رکڻ جي عزم جو به ورجاءُ ڪيو.











