اسلام آباد- 03 جون (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته بار ۽ بينچ وچ ۾ مضبوط، مسلسل ۽ تعميري رابطا اثرائتي ۽ وقت سر انصاف جي فراهميءَ لاءِ اڻٽر آهن ۽ عدالتي نظام ۾ جاري سڌارن جو مقصد عوام کي سستو، تيز ۽ شفاف انصاف فراهم ڪرڻ آهي. هتي جاري پڌرائيءَ موجب سپريم ڪورٽ ۾ عدالتي سڌارن ۽ انصاف جي نظام جي بهتريءَ …
بار ۽ بينچ وچ ۾ مضبوط، مسلسل ۽ تعميري رابطا اثرائتي ۽ وقت سر انصاف جي فراهميءَ لاءِ اڻٽر آهن: چيف جسٽس يحيٰ آفريدي
اسلام آباد- 03 جون (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته بار ۽ بينچ وچ ۾ مضبوط، مسلسل ۽ تعميري رابطا اثرائتي ۽ وقت سر انصاف جي فراهميءَ لاءِ اڻٽر آهن ۽ عدالتي نظام ۾ جاري سڌارن جو مقصد عوام کي سستو، تيز ۽ شفاف انصاف فراهم ڪرڻ آهي. هتي جاري پڌرائيءَ موجب سپريم ڪورٽ ۾ عدالتي سڌارن ۽ انصاف جي نظام جي بهتريءَ جي حوالي سان هڪ اهم مشاورتي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن جي صدارت چيف جسٽس آف پاڪستان ڪئي. سپريم ڪورٽ ۾ رٿيل ان اجلاس ۾ اٽارني جنرل آف پاڪستان منصور عثمان اعواڻ به شريڪ ٿيو. اجلاس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن، ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن بهاولنگر، تعلقي بار ايسوسيئيشن ڪبير والا، ميان چنون، شيخوپوره ۽ اسلام آباد بار ايسوسيئيشن جي نمائندن شرڪت ڪئي. چيف جسٽس پنهنجي خطاب ۾ چيو ته وڪيل برداري انصاف جي نظام جو مرڪزي ٿنڀ آهن ۽ عدالتي ڪارڪردگيءَ ۾ بهتريءَ لاءِ بار جو ڪردار اهم حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته عمل هيٺ سڌارن جو بنيادي مقصد ڪيسن جي وقت سر فيصلن، عدالتي طريقيڪار جي بهتري ۽ سائلين کي فوري رليف جي فراهمي آهي. اجلاس ۾ عدالتي سڌارن، ڪيس مئنجمينٽ سسٽم، اِي فائلنگ، وڊيو لنڪ ٻُڌڻين، عوامي سهولت مرڪز ۽ متبادل تڪرار حل (اي ڊي آر) جي نظام تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻُڌايو ويو ته نيشنل جوڊيشل ڪميٽي (پاليسي ميڪنگ) ۽ لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان تحت مختلف سڌارن وارن قدمن تي عملدرآمد جاري آهي. چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته فيڊرل جوڊيشل اڪيڊميءَ ذريعي وڪيل خاص ڪري نوجوان وڪيلن لاءِ تربيتي پروگرامز جاري آهن ته جيئن پيشيوراڻي صلاحيتن ۾ واڌ ٿي سگهي. اجلاس ۾ عورت فيسيليٽيشن سينٽرز، اِي لائبريريز، عدالتي عمارتن جي سولرزائشن، پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي فراهمي ۽ ڊجيٽل انفراسٽرڪچر جي بهتري جهڙن قدمن تي پڻ روشني وڌي وئي. اجلاس ان عزم سان پڄاڻيءَ تي پهتو ته عدليه ۽ وڪيل برادري وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائي هڪ جديد، اثرائتي ۽ عوام دوست انصاف واري نظام کي هٿي وٺرائي وڃي.












