قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان ملاقات

اسلام آباد- 03 جون (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، اهم قانوني ۽ آئيني معاملن ۽ عوام کي بهتر قانوني سهولتن جي فراهمي بابت معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران انصاف جي فراهمي جي نظام کي وڌيڪ اثرائتو ۽ عوام دوست بڻائڻ جي مختلف پهلوئن …

اسلام آباد- 03 جون (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، اهم قانوني ۽ آئيني معاملن ۽ عوام کي بهتر قانوني سهولتن جي فراهمي بابت معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران انصاف جي فراهمي جي نظام کي وڌيڪ اثرائتو ۽ عوام دوست بڻائڻ جي مختلف پهلوئن تي غور ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن وفاق ۽ صوبن وچ ۾ اداره جاتي سهڪار جي فروغ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته اثرائتي رابطي ڪاري سان عوامي مسئلن جي حل ۽ گڊ گورننس جي فروغ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. ان موقعي تي قومي اهميت جي معاملن تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ ۽ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي به اتفاق ٿيو. ملاقات ۾ مختلف قانوني معاملن ۽ ملڪ جي مجموعي آئيني ۽ انتظامي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي ۽ ٻنهي اڳواڻن عوامي ڀلائي ۽ اداره جاتي استحڪام لاءِ گڏيل ڪاوشون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں