وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري سان پاڪستان ۾ مقرر ترڪمانستان جي سفير جي ملاقات

اسلام آباد- 03 جون (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري سان اربع ڏينهن پاڪستان ۾ مقرر ترڪمانستان جي سفير عطا جان مولاموف ملاقات ڪئي،جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي مختلف معاملن سميت علائقائي استحڪام، پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي وفاقي وزير پارلياماني رابطن، واپار، توانائي ۽ علائقائي رابطن جي فروغ سميت مختلف …

اسلام آباد- 03 جون (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري سان اربع ڏينهن پاڪستان ۾ مقرر ترڪمانستان جي سفير عطا جان مولاموف ملاقات ڪئي،جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي مختلف معاملن سميت علائقائي استحڪام، پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي وفاقي وزير پارلياماني رابطن، واپار، توانائي ۽ علائقائي رابطن جي فروغ سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سفير عطا جان مولاموف خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيندي پاڪستان سان اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ ۾ ترڪمانستان جي گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. ڌرين گڏيل خوشحالي ۽ گڏيل ترقي کي حاصل ڪرڻ لاءِ اعليٰ سطحي رابطن ۽ پارلياماني سفارتڪاري کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن پاڪستان ۽ ترڪمانستان وچ ۾ ڊگهي ۽ مضبوط شراڪتداري کي فروغ ڏئي سگهجي.

مزید خبریں