اسلام آباد- 03 جون (اي پي پي) ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان ايران جي سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم ملاقات ڪئي. گورنر آفيس مان جاري بيان مطابق هتي ملاقات ۾ گورنر چيو ته ايران آمريڪا جنگ جو خاتمو ۽ پائيدار امن انتهائي ضروري آهي، امن جي قيام ۾ ئي عالمي ترقي ۽ خوشحالي جو راز آهي. هن چيو ته پاڪستان امن جي قيام جو خواهشمند آهي …
خيبرپختونخواهه جي گورنر سان ايران جي سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم جي ملاقات
اسلام آباد- 03 جون (اي پي پي) ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان ايران جي سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم ملاقات ڪئي. گورنر آفيس مان جاري بيان مطابق هتي ملاقات ۾ گورنر چيو ته ايران آمريڪا جنگ جو خاتمو ۽ پائيدار امن انتهائي ضروري آهي، امن جي قيام ۾ ئي عالمي ترقي ۽ خوشحالي جو راز آهي. هن چيو ته پاڪستان امن جي قيام جو خواهشمند آهي ۽ ان لاءِ ڪوشان آهي، ايران طرفان تازي جنگ ۾ اتحاد، صبر ۽ برداشت جي ڪري کيس فتح ملندي. گورنر چيو ته پاڪستان پنهنجي پاڙيسري ۽ برادر ملڪ ايران جي ترقي جو خواهشمند آهي، وزيراعظم، نائب وزيراعظم، فيلڊ مارشل ۽ گهرو وزير عالمي امن لاءِ متحرڪ آهن، ايران ۾ امن سان ٻنهي ملڪن جي ترقي ٿيندي. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ايران – آمريڪا کي هڪ ميز تي ويهارڻ پاڪستان جي ڪاميابي آهي، ڪي پي ڪي ۾ ايران جي سهڪار سان معاشي ترقي جا وسيع امڪان موجود آهن. ايراني سفير چيو ته ايراني قوم تازي جنگ ۾ پاڪستاني ڪردار کي ساراهي ٿي، ايران کي تباهي کان بچائڻ ۾ پاڪستان جي عسڪري ۽ سياسي قيادت جو اهم ڪردار آهي، پاڪستان سان مستقبل ۾ تيل ۽ ٻين شين جي واپار کي هٿي ملندي. هن چيو ته گوادر، بندر عباس، ڪراچي جي مستقبل جي ڪاروباري سرگرمين لاءِ الحاق ضروري آهي، ڪراچي پورٽ تي ايران جي تيل جا ڪنٽينر بيٺل آهن، اسرائيل امن جي قيام جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهي، ايران ايٽمي معاملن تي پنهنجي حق تان هٿ نه کڻندو. ان موقعي تي ايران جي سفير، ڪي پي ڪي جي گورن کي ايران جي دوري جي دعوت به ڏني. ان موقعي تي پ پ پ اڳواڻ نديم افضل چن ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلي ۾ پارلياماني اڳواڻ احمد ڪنڊي به موجود هو.












